19 اربع , سيپٽمبر 2018

چيف جسٽس طرفان ضبط ڪيل سرڪاري گاڏين بابت بيان حلفي جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت  

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ لگزري گاڏين جي معاملي تي مولانا فضل الرحمان، عبدالغفور حيدري ۽ ڪامران مائيڪل کي نوٽيس جاري ڪندي سڀاڻي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو، جڏهن ته ضبط ڪيل گاڏين بابت بيان حلفي جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ بئنچ سرڪاري آفيسرن ۽ وزيرن جي لگزري گاڏين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته سمورن وفاقي وزيرن کان لگزري گاڏيون واپس ورتيون ويون آهن، مولانا فضل الرحمان ۽ عبدالغفور حيدري کان بلٽ بروف گاڏي واپس ورتي وئي آهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته ڪامران مائيڪل کان به بلٽ پروف گاڏي واپس نه ورتي آهي.چيف جسٽس چيو ته فضل الرحمان کي بلٽ پروف سان ڊبل ڪيبن گاڏي به ملي آهي، بلٽ پروف گاڏي ڏني ته ڊبل ڪيبن گاڏي جي ڪهڙي ضرورت آهي. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان چيو ته مولانا فضل الرحمان جا ته جانثار ئي گهڻا آهن، جانثارن سبب ڪو  فضل الرحمان تائين نه ٿو پهچي سگهي. سندس چوڻ هو ته لگزري گاڏين جا خرچ قوم برداشت ڪندي آهي، مولانا فضل الرحمان قوم جو پئسو ڇو استعمال ڪري رهيو آهي، وٽس تي مدرسن جي دولت ئي گهڻي آهي، هو پنهنجي سڪيورٽي جو پاڻ انتظام ڇو نه ٿو ڪري؟  چيف جسٽس بلوچستان جي ستن اڳوڻن سينيٽرن کي پنهنجون گاڏيون اڄ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ڪنهن به سياستدان کي سرڪاري گاڏين تي چونڊ مهم هلائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے