25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

افطار پارٽي دوران گيت تي رقص، شلپا شيٽي تنقيد جو نشانو بڻجي وئي

Aftar dance on the song during the party, Shilpa Shetty criticized criticismممبئي(شوبز نيوز) افطاري پارٽي جي دوران گيت هلائڻ تي ڀارتي اداڪارا شلپا شيٽي سوشل ميڊيا تي سوشل ميڊيا واهپيدارن هٿان ڇتي تنقيد جو نشانو بڻجي وئي. واهپيدارن کيس رمضان ۽ افطاري جو احترام ڪرڻ جو درس ڏنو . ويجهڙائي ۾ ئي شلپا شيٽي انسٽاگرام تي هڪ ويڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هو پنهنجي ساهيڙين سان گڏ هڪ افطار پارٽي ۾ شريڪ آهي. ان موقعي ته ٻين شين سان گڏ شلپا شيٽي ۽ سندس ساهيڙيون ”افلاطون“ نالي سوئيٽ ڊش پڻ کائيندي نظر آيون ۽ ان دوران  پس منطر ۾ اڪشي ڪمار جي فلم ”افلاطون“ جو گيت هلڻ شروع ٿي ويو، جنهن تي اداڪارا ۽ سندس ساهيڙيون ڊانس ڪرڻ لڳيون. ان ويڊيو جي پوسٽ ٿيندي ماڻهن شلپا شيٽي مٿان ڪڙڪي پيا ۽ کيس رمضان جو احترام ڪرڻ جو درس پڻ ڏنو. هڪ صارف چيو ته هي افطار پارٽي آهي يا ڪِٽي پارٽي؟ توهان افطاري جي ميز تي ڊانس ڇو ڪري رهيون آهيو؟ مهرباني ڪري ڪجهه احترام جو مظاهرو ڪيو. جڏهن ته هڪ ٻئي صارف لکيو ته شلپا شيٽي انتهائي معذرت سان پر توهان مسلمانن جا جذبا مجروع ڪيا آهن. جڏهن ته ڪجهه ماڻهن شلپا شيٽي جي حق ۾ پڻ ڳالهائيندي نظر آيا، جن چيو ته ان معاملي ۾ مذهب کي وچ ۾ نه آڻڻ گهرجي پر اهو ڏسڻ گهرجي ته ڪيئن مختلف مذهبن جا ماڻهو هڪ هنڌ ويٺا آهن ۽ مسلمانن جي مقدس مهيني رمضان المبارڪ دوران افطاري ڪري رهيا آهن. ياد رهي ته ان کان اڳ پنهنجي پُٽ ويان جي سالگرهه اولڊ هوم ۾ ملهائڻ تي پڻ شلپا شيٽي کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو. گذريل مهيني 26 مئي تي شلپا شيٽي پنهنجي ماءُ سنندا، پٽ ويان ۽ مڙس راج ڪُندرا سان گڏ ممبئي جي هڪ اولڊ ايج هوم وئي هئي، جتي هن بزرگن ۾ مٺائي ۽ ميوه ورهايا هئا ۽ ان جي ويڊيو پڻ انسٽاگرام تي پوسٽ ڪئي هئي. پر ان ويڊيو ته ماڻهن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو هو ته شلپا شيٽي جو پبلسٽي اسٽنٽ آهي، هو اولڊ هوم وڃي مانهن کي سڀ کان سستو ميوو کارائي رهي آهي ۽ وري ان کي سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪري ڏيکارڻ چاهي ته هو ڪيتري دريا دل آهي. جنهن تي اداڪارا چيو ته اهو ڪم آگاهي ڏيڻ لاءِ ڪيو ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهو انهن جي مدد ڪري سگهن. بالي ووڊ جي سينيئر اداڪارا شلپا شيٽي جي مشهور فلمن ۾ بازيگر، ڌڙڪن، لائن ان اي ميٽرو ۽ ٻيون شامل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

From the beginning I'm not going to enter the item number: kubra khan

شروع کان چئي رهي آهيان ته آئٽم نمبر نه ڪنديس: ڪبريٰ خان

ڪراچي ( شوبز نيوز ) ويجهڙائي ۾ ريليز ٿيندڙ فلم ”طيفا اِن ٽربل“ جي آئٽم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے