19 آچر , آگسٽ 2018

پاڻي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ جي ضرورت

سنڌ جي نگران وڏي وزير فضل الرحمان سنڌ جي آبپاشي کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته بدين ۽ پڇڙيءَ جي ٻين علائقن ۾ کوٽ هوندي به پاڻيءَ جي فراهميءَ جو انتظام سڌاريو وڃي. هو ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ڪراچيءَ ۾ آبپاشيءَ بابت اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ رضوان احمد ميمڻ، آبپاشي سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ۾ وڏي وزير چيو ته ڪينجهر ڍنڍ ۾ پاڻيءَ جي فراهمي بهتر بڻائي وڃي ته جيئن ڪراچيءَ کي پاڻيءَ جي فراهمي متاثر نه ٿئي. وزيراعليٰ هائوس جي ترجمان موجب سنڌ جي چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ اجلاس کي ٻڌايو ته ڪراچيءَ کي پاڻيءَ جي فراهمي هو پاڻ ڪري رهيو آهي ۽ جيڪي علائقا پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن اتي واٽر ٽينڪرن ذريعي پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي.

سنڌ جي آبپاشي سيڪريٽري سجاد شاهه اجلاس کي ٻڌايو ته سنڌ کي حصي جي حساب سان 35 سيڪڙو پاڻي ملي رهيو آهي. هن جو چوڻ هو ته معاهدي تحت سنڌ کي هڪ لک 6 هزار 3 سئو (106300) ڪيوسڪ پاڻي ملڻ گهرجي پر ملي 36 هزار ، 4 سئو 50 ڪيوسڪ رهيو آهي. هن جو چوڻ هو ته 15 جون کان پاڻي جي صورتحال بهتر ٿيڻ شروع ٿي ويندي.

پاڻي ئي زندگيءَ جي حيثيت رکي ٿو، انسان چون ٿا ته ماني نه ملڻ کان سواءِ ته ڳچ عرصو زنده رهي سگهي ٿو پر پاڻي نه ملڻ سبب هن جو جيئڻ مشڪل ٿي وڃي ٿو. اهڙي طرح اهي معاشرا، ملڪ ۽ صوبا جن جو معاشي لحاظ کان دارومدار زراعت تي هجي ٿو، تن لاءِ ته پاڻي زندگي ۽ موت جو مسئلو بڻيل رهي ٿو. سنڌ به زرعي خطو آهي، جنهن جي زرعي صلاحيت کي ڏسندي انگريز ويندي ويندي ان کي ان ڪري به جديد قسم جو آبپاشي نظام ڏئي ويا هئا جو سنڌ وٽ سنڌو درياءُ آهي. عالمي قانون آهي ته ڪنهن به درياءَ ۽ نديءَ تي سڀ کان پهريون حق پڇڙيءَ وارن جو آهي. پر اسان وٽ جيئن ته هلندو ئي ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا، وارو قانون رهيو آهي، تنهن ڪري پاڻيءَ جي کوٽ ۾ نقصان هميشه سنڌ کي ئي ٿيندو رهيو آهي.

ڪيڏي نه ستم ظريفي چئبي جو 1991ع واري پاڻي ٺاهه تحت سنڌ جو هن مند ۾ جيڪو حصو ٿئي ٿو يعني هڪ لک 6 هزار 3 سئو ڪيوسڪ ان جو به فقط 35 سيڪڙو حصو يعني 36 هزار 450 ڪيوسڪ پاڻي فراهم ٿي رهيو آهي. 1991ع واري پاڻي ٺاهه موجب صوبا کوٽ توڙي واڌ ۾ هڪ جيتري ونڊ ورڇ جا پابند آهن پر عملي طور ايئن ٿيندي ناهي ڏٺو ويو. پڇڙيءَ وارا پاڻيءَ لاءِ هميشه پريشان رهندا آهن ته منڍ وارا پنهنجي ضرورت جو پاڻي کڻي پوءِ ئي پڇڙيءَ جي لاءِ ڇڏيندا آهن، نه رڳو ايترو پر کوٽ هوندي به منڍ ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جو سلسلو به جاري رکيو ويندو آهي. يعني پڇڙيءَ وارا پاڻي ڍڪ لاءِ پريشان رهندا آهن ۽ منڍ وارا وري پاڻي ذخيرو ڪري رهيا هوندا آهن. جواز هميشه اهو ئي ڄاڻايو ويندو رهيو آهي ته سنڌ ڪوٽڙيءَ کان هيٺ پاڻي ڇڏي سمنڊ ۾ ضايع ڪري رهي آهي ۽ پوءِ اهڙو جواب ڄاڻائي جيئن هميشه ڪالاباغ ڊيم جي وڪالت ڪئي پئي ويندي رهي آهي، تيئن پاڻي کوٽ واري هيلوڪي مند ۾ به ڪالاباغ ڊيم جو راڳ الاپڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ملڪ پاڻي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي، جنهن کي هنگامي بنيادن تي منهن ڏيڻ جي بلڪل ضرورت آهي پر اها به حقيقت آهي ته پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ هتي هميشه هڪ ٻرندڙ مسئلو پئي رهيو آهي. پاڻي ورڇ تي هميشه سنڌ کي اعتراض پئي رهيا آهن. جن کي سنجيدگيءَ سان حل ڪرڻ بدران اختياريون پنهنجي مرضي ۽ منشا موجب پاڻيءَ جي ورڇ ڪنديون رهيون آهن.

معاهدي تحت جيئن ته صوبن کي پاڻيءَ جي کوٽ به شيئر ڪرڻي آهي، اڄ جڏهن سنڌ کي کوٽ ڄاڻائي پنهنجي حصي کان 65 سيڪڙو گهٽ پاڻي اهڙي وقت فراهم ڪيو پيو وڃي، جڏهن خريف جي فصلن جي پوکائي شروع ٿي رهي آهي، اهڙي صورتحال ۾ باقي صوبن خاص ڪري پنجاب کي به پنهنجي صورتحال واضح ڪرڻ گهرجي ته اهو ڪيتري کوٽ کڻي رهيو آهي، پاڻي کوٽ کي ٻن صورتن ۾ منهن ڏئي هي بحران قابو ڪري سگهجي ٿو، پاڻي جي منصفاڻي ورڇ يقيني بڻائي وڃي، صوبن جي کوٽ توڙي واڌ شيئر ڪرڻ واري شق تي عمل ٿئي. گڏوگڏ پاڻيءَ جي احتياط سان استعمال جي اپائن تي عمل ٿئي، ٻيو ته آبهوائي تبديلين جي ڪري مينهن وسڻ ۽ ٻوڏ اچڻ جو جيڪو فقدان پيدا ٿيو آهي، تنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻيلن کي هٿي وٺرائي وڃي ۽ وڻڪاريءَ کي سڄي ملڪ اندر هٿي وٺرائي وڃي.

اڱارو 5 جون  2018ع، 20 رمضان المبارڪ 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

پوليس گرديءَ جي ورچڙهيل سنڌ

ٽيون ڏينهن وارين اخبارن ۾ پنج کان ست خبرون اهڙيون آهن جن مان عوام ڏانهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے