22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

عوامي آواز رپورٽ | سنڌ اسيمبليءَ جو ٽيون پارلياماني سال مڪمل

چوڏهين سنڌ اسيمبلي جو ٽيون پارلياماني سال 3 مئي 2016ع تي مڪمل ٿيو. 13 جون 2015 کان3- مئي 2016 تائين جاري رهندڙ هن سال ۾ اسيمبليءَ جا 5 اجلاس ٿيا. جيڪي 59 ويهڪن تي مشتمل رهيا. ان دوران حڪومت جا 28- قانوني مسودن ۽ 36 ٺهرائن جي منظوري ڏني وئي. پارلياماني سال دوران ٿيندڙ اجلاسن جو مجموعي مدو 182 ڪلاڪ، 7 منٽ رهيو.
ٽئين پارلياماني سال دوران وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، صوبائي اسيمبلي جي 30 ويهڪن ۾ شرڪت ڪئي. اجلاسن دوران ايوان کي مجموعي وقت صرف 25 سيڪڙو ڏنو. جڏهن ته مخالف ڌر 43 ويهڪن ۾ شريڪ ٿي مجموعي وقت 50 سيڪڙو ايوان کي ڏنو.
اسپيڪر پارلياماني سال دوران 69 سيڪڙو وقت 126 ڪلاڪ 8 منٽ ايوان جي ڪاروائي جي صدارت ڪئي. ۽ ڊپٽي اسپيڪر 26 سيڪڙو وقت 47 ڪلاڪ ۽ 47 منٽن تائين صدارت جا فرض نڀايا. باقي 4 سيڪڙو وقت 6 ڪلاڪ 58 منٽ تائين ڪاروائي جي صدارت چيئرپرسن پئنل ميمبرن جي حصي ۾ آيو.
161 ميمبرن واري ايوان ۾حاضر رهندڙ 140ميمبرن مان 89 سيڪڙو ميمبرن ڪاروائي ۾ شرڪت ڪئي. جڏهن ته 11 سيڪڙو ميمبر غيرسرگرم رهيا ۽ هنن هلندڙ ڪاروائي دوران ڪنهن به بحث مباحثي جو حصو نه رهيا. ايوان جي ڪاروائي دوران سياسي پارٽين جي شرڪت جي جائزي وٺڻ سان خبر پوي ٿي ته متحده قومي مومينٽ جي 96 سيڪڙو (47 مان 45) ميمبر ايوان جي ڪارواين ۾ شرڪت ڪئي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي 87 سيڪڙو (90 مان 78) ميمبرن ڪاروائي ۾ حصو ورتو. اهڙي طرح پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي 11 ميمبرن مان 10، پاڪستان مسلم ليگ ن جي 8 ميمبرن مان 7 جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي 4 ميمبرن مان 3 ميمبر ايوان جي ڪاروائي ۾ عملي طور حصو وٺندا رهيا.
احتجاج ۽ واڪ آئوٽ ڪرڻ ۾ به متحده قومي مومينٽ اڳري رهي. جن ايوان اندر 13 ڀيرا احتجاج ۽ 5 ڀيرا واڪ آئوٽ ڪيو. متحده جي احتجاج ۽ واڪ آئوٽ جو عمل 126 منٽ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. مسلم ليگ فنڪشنل ۽ پ پ پ به هڪ هڪ احتجاج ڪيو. ترتيبوار 7 کان ٻن منٽن تائين رهيو. پي ٽي آءِ ميمبرن 15 منٽ تائين هڪ ڀيرو واڪ آئوٽ ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Hyderabad

نيوز | شيخ ڀرڪيو: سماجي براين  ۾ واڌ،ايس ٽي پي اڳواڻن پاران پوليس  ذميوار قرار

شيخ ڀرڪيو ۾ وڌندڙ سماجي براين خلاف ايس ٽي پي اڳواڻن الزام هنيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے