23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز: سن: ٽرڪن جي وزن واري ڪانٽي خلاف سوين ماڻهن جو هاءِ وي تي ڌرڻو

SANN: Suicide on Highway Highway against the kernel of the weight loss* سن ويجهو ٽرڪن جي وزن واري ڪانٽي خلاف سوين ماڻهن هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو.

شالماڻي ۾ قائم ٽرڪن جي وزن واري ڪانٽي خلاف سياسي سماجي ڌرين ڪيهر کوسو، ڄام خان برهماڻي، امجد حسين کوسو، حاجي خان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾احتجاج ڪيو.

شهرين احتجاجي ريلي ڪڍي انڊس هاءِ وي روڊ تي ٻنهين طرفن کان روڪاوٽون وجھي روڊ بند ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شالماڻي اسٽاپ تي انڊس هاءِ وي روڊ جي ڀرسان قائم ٽرڪن جي وزن ڪرڻ وارو ڪانٽو مقامي ماڻهن جي لاءِ موت جو ڄار وڇائي ڇڏيو آهي.

هنن چيو ته هيوي ٽرئفڪ جي اچ وڃ سبب روڊ حادثا روز جو معمول بڻيل آهن، جنهن ڪري 30 کان وڌيڪ ڳوٺن جي ماڻهن اسٽاپ تي اچڻ ڇڏي ڏنو آهي

سندن چوڻ هو ته ڪانٽي جي ڪري اسٽاپ ويران ٿيڻ سبب ڪاروبار سخت متاثر ٿي رهيو آهي

احتجاج ڪندڙ اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته معاملي جو نوٽيس ڪانٽو ٻئي منتقل ڪيو وڃي….

هي به ڏسي سگهو ٿا

NorthWaziristan7Martyred, , Thar, IGSindh, Badin, Khoski

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-22

*اتر وزيرستان:فورسز جو آپريشن،9 دهشتگرد مارجي ويا، آفيسر سميت 7 اهلڪارشهيد *ٿر ۾ ڏڪاري حالتن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے