24 سومر , سيپٽمبر 2018

نيوز: ٽنڊو الهيار: هڪ قومي ۽ ٻن صوبائي تڪن لاءِ 90 اميدوارن نامزدگي فارم ورتا

Tando Allahyar: one national and two provincial constituencies for the 90 candidates took Nomination Form* ٽنڊي الهيار ۾ هڪ قومي ۽ ٻن صوبائي اسيمبلي جي تڪ تان چونڊ وڙهڻ لاءِ مختلف سياسي پارٽين جي 90 اميدوارن پاران نامزدگي فارم وصول ڪيا ويا آهن.

اميدوارن پاران ايڊيشنل سيشن جج  آر او اختر انور کوکر جي آفيس پهچي چونڊ فارم وصول ڪيا

اين اي 224 تي چونڊ وڙهڻ لاءِ پيپلزپارٽي جي عبدالستار بچاڻي، سيد علي نواز شاهه رضوي، سيد ضياءُ عباس شاهه رضوي، ڊاڪٽر عرفان گل مگسي، سردار حاجي خير محمد کوکر، مخدوم علي محمد ولهاري، محسن مگسي ، پير غلام نبي شاهه ، سيد عنايت شاهه ، محمد سڪندر شاهه سميت 30 اميدوارن فارم وصول ڪيا

پي ايس 60 لاءِ سيد علي نواز شاهه رضوي ، سيد ضياءُ عباس شاهه رضوي، ڊاڪٽر عرفان گل مگسي ، محسن مگسي ، زبير السلام ، الطاف جسڪاڻي ، امير علي ٿيٻو ، رائو جاويد علي، ڪشور ڪمار، ڪليم الله ، سميت 60 اميدوارن، فارم حاصل ڪيا

پي ايس 61  تي چونڊ ۾ حصو وٺڻ لاءِ امداد پتافي، غلام قادر مري، مخدوم علي محمد ولهاري ، ڊاڪٽر بخش علي پتافي ، محسن مگسي ، اعجاز پتافي ، سميت 18 اميدوارن فارم حاصل ڪيا

 اهڙي نموني سان ضلعي ٽنڊوالهيار جي هڪ قومي ۽ ٻه صوبائي سيٽن تي مجموعي طور تي 90  اميدوارن پهرين ڏينهن فارم وصول ڪيا………

هي به ڏسي سگهو ٿا

Khairpur: Strict security management have been made for Mehram ul Haram

نيوز: خيرپور : محرم الحرم دوران سڪيورٽي جا بهترين انتظام ڪياويا: ايس ايس پي خيرپور عمر طفيل

*ايس ايس پي خيرپور عمر طفيل چيو آهي ته محرم الحرم دوران سڪيورٽي جا بهترين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے