23 آچر , سيپٽمبر 2018

ووٽ کي عزت ڏيو مطلب گو عمران گو، ڌانڌلي ٿي ته اسلام آباد طرف مارچ ڪبو: نواز شريف/ مريم نواز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم ميان محمد نواز شريف چيو آهي ته ووٽ کي عزت ڏيو جو مطلب گو عمران گو آهي، هن چيو ته جيڪڏهن لاڏلو نواز شريف ڌرڻن سان رستو نه روڪي ها ته سئو سيڪڙو وڌيڪ ڪم ڪيون ها، رپورٽ موجب اسلام آباد ۾ مسلم ليگ ن  جي ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي اڳوڻي وزيراعظم جو وڌيڪ چوڻ هو ته “ڪوڙو خان ٻڌائي ته هن خيبرپختون خواهه ۾ ڪهڙو ڪم ڪيو؟” هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ ٻن مهينن بعد عوامي حڪومت هوندي، هن چيو ته کيس نوجوانن جي ڳڻتي آهي، سندس دور ۾ ملڪ عروج طرف پئي ويو، سي پيڪ اچي رهيو هو، مهانگائي ختم ٿي رهي هئي، فقط هڪ اقامي تي نيڪالي ڏئي ظلم ڪيو ويو، هن چيو ته مخالفن وٽ ترقيءَ جي ڪا به ايجنڊا نه آهي، مون خلاف آيل فيصلو ضرور واپس ٿيندو، 25 جولاءِ عوام جي امتحان جو ڏينهن آهي، ان ۾ هڪ گريڊ ۾ پاس ٿيڻو آهي، هن چيو ته 25 جولاءِ تي اقامي وارو فيصلو ختم ڪرڻ لاءِ عوام کي گهران نڪرڻو پوندو،  جڏهن ته ڪنوينشن کي سندس نياڻي مريم نواز خطاب ڪندي چيو ته مسلم ليگ ن جي مقابلي واري ڪا به پارٽي نظر نه پئي اچي، نواز شريف ۽ عوام جو رشتو لازوال آهي اهو ڪيئن ٿو ختم ٿي سگهي، هن چيو ته مخالف اليڪشن مان ڀڄڻ جا سانباهه پيا ڪن، ڪارڪنن پنهنجو ڌاڪو ڄمائي ڇڏيو آهي، جنهن تي کين سلام پيش ڪريان ٿي، هن چيو ته ڌمڪين ۽ داٻن جو سلسلو هاڻي نه هلندو، هن چيو ته جيڪڏهن ڌانڌلي جي ڪوشش ٿي ته نواز شريف لاهور کان اسلام آباد طرف مارچ به ڪري سگهي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گورنر هائوس عوام جي ملڪيت آهي، عمران خان واعدو پورو ڪيو: چوڌري سرور

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي گورنر چوڌري سرور چيو آهي ته پنجاب جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے