18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

حضرت علي عليه السلام جي شهادت واري ڏهاڙي تي ٻيلهه سواري تي پابندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت پاران سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ اميرالمومنين حضرت علي عليه السلام جي شهادت واري ڏهاڙي 21 رمضان تي موٽرسائيڪل جي ٻيلهه واري تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، سڌ سماءَ جي ذريعن موجب سنڌ جي گهرو کاتي پاران اهڙي پابندي جو نوٽفيڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب ايڊشنل آءِ جي ڪراچي ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد جي سفارش تحت سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي پابندي لڳائي وئي آهي، جنهن ۾ عورتون، بزرگ، معذور ۽ 12 ورهين کان گهٽ عمر جا ٻارڙا ۽ صحافي پابندي کان آجا هوندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم عمران خان پهرين سرڪاري دوري تي سعودي عرب پهچي ويو

مدينو شريف (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان ٻن ڏينهن جي پهرين سرڪاري دوري تي سعودي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے