23 آچر , سيپٽمبر 2018

پاڪستان کي ”ناڪام رياست“ چوندڙ واري ڀارتي اداڪارا جو يو ٽرن

One of the Indian actors of India's "Fameam State" Chhattisgarhممبئي (شوبز نيوز) باليووڊ ادڪارا سوارا ڀاسڪر گذريل هفتي پنهنجي نئين ريليز ٿيندڙ بولڊ مزاحيه فلم ويري دي ويڊنگ تي پاڪستان ۾ پابندي لڳائڻ تي پاڪستان کي غير سيڪولر ۽ ”ناڪام رياست“ قرار ڏنو هيو. سوارا ڀاسڪر اهڙو بيان ڀارتي ٽي وي چينل سي اين اين نيوز 18 جي هڪ پروگرام دوران ڏنو هيو. ان کان اڳ هو 2015 ۾ پاڪستان جي ٻئين دوري دوران پاڪستاني ٽي وي چينل ”دنيا ٽي وي “ جي شو”مذاق رات“۾ پاڪستان کي پسنديدا ملڪ ۽ لاهور کي سڀ کان بهترين شهر قرار ڏنو هو. سوارا ڀاسڪر جي طرفان پاڪستان جي خلاف ڏنل تازي بيان تي پاڪستاني اداڪارا عروا حسين کيس آئينو ڏيکاريون ٻئي پاسي جڏهن ته ٻين به ڪيترن ئي پاڪستان ماڻهن کيس سوشل ميڊيا تي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو. نه رڳو پاڪستاني ماڻهن پر سوارا ڀاسڪر جي اهڙي بيان کي ڀارت ۾ پڻ سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو. سوشل ميڊيا تي پاڪستاني توڙي ڀارتي شهرين طرفان سخت تنقيد ٿيڻ تي سوارا ڀاسڪر يوٽرن وٺندي هڪ ڀيرو ٻيهر لاهور کي پنهنجو پسنديدا شهر قرار ڏئي ڇڏيو آهي ان سان گڏوگڏ هن چيو ته لاهور هن جي دل جي ويجهو ترين شهر آهي. سوارا ڀاسڪر جي هڪ مداح ٽوئيٽ جو جواب ڏيندي ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته اسان کي رياستن ۽ ملڪن جي حڪومتن ۽ اتان جي رهندڙ عوام ۾ فرق رکڻ گهرجي. ان سان گڏ ئي هن يوٽرن وٺندي لکيو ته پاڪستاني عوام لاءِ نيڪ خواهشون آهن، ڇو ته هن جي بهترين ۽ رازدار دوستن مان ڪجهه پاڪستاني به آهن، جڏهن ته لاهور سندس دل جي  تمام گهڻو ويجهو آهي. هن هڪ ٻي ٽوئيٽ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ بهترين لاڳاپن ۽ امن جي خواهش جو اظهار پڻ ڪيو. سوارا ڀاسڪر هڪ وڌيڪ ٽوئيٽ ۾ پان مٿان ٿيندڙ آڻ لائن تنقيد جو عڪس شيئر ڪندي لکيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ امن ۽ دوستاڻا لاڳاپا کي ڏسو. اداڪارا طرفان شيئر ڪيل هن پوسٽ ۾ هن نه رڳو پاڪستاني پر ڀارتي مداحن پڻ کيس تنقيد جو نشانو بڻايو سان گڏ ڪجهه ماڻهن کيس ”بي گريڊ“ اداڪارا قرار ڏئي ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Pakistani movie Cake being considered for Oscars awards nomination

پاڪستاني فلم” ڪيڪ“ آسڪر ايواردد لاءِ نامزد

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني فلم ”ڪيڪ“ کي دنيا جي سڀ کان وڏي فلمي ايوارڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے