21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نيوز |کهڙا:پ پ عوامي پارٽي آهي، جي ڊي اي ۾ سياسي يتيم شامل آهن:سيد حسين شاهه

پ پ اڳواڻ سيد حسين شاهه چيو آهي تھ پ پ عوامي ۽ جمهوري پارٽي آهي، جي ڊي اي ۾ عوام جا تڙيل سياسي يتيم شامل آهن.

کهڙا ۾ مختلف برادرين جي ماڻهن سان تعزيتن ۽ ڪارنر گڏجاڻين کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد حسين شاهه چيو  تھ 2018 جي چونڊن ۾  پ پ  جا اميدوار سڄي ملڪ مان وڏي اڪثريت سان ڪاميان ٿيندا.

هن چيو تھ  پ پ جا مخالف بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويا آهن، ان ڪري بي بنياد  ۽ من گهڙت الزام لڳائي رهيا آهن.

سيد حسين شاهه وڌيڪ چيو تھ پاڪستان جو عوام پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽي زرداري کي ملڪ جو ايندڙ وزير اعظم ڏسڻ چاهي ٿو.

ان موقعي تي محمد علي اڄڻ، مير اڄڻ ۽ ٻيا پ پ ورڪر ساڻس گڏ هئا،

هي به ڏسي سگهو ٿا

رات اٺين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-21

*پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ سڀاڻي روانو ٿيندو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے