26 اربع , سيپٽمبر 2018

نواز شريف کي فوج وڏو وزير ۽ وزيراعظم بڻايو، چونڊن ۾ پي ٽي آءِ ڪاميابي حاصل ڪندي: عمران خان

بني گالا ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته ملڪي ادارا ڪمزور آهن، چونڊن ۾ ڪاميابي لاءِ ان مسئلي جي حل لاءِ ڪم ڪنداسين، جڏهن ته تحريڪ انصاف چونڊن ۾ ڀرپور ڪاميابي حاصل ڪندي. برطانوي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي عمران خان چيو ته ادارن کي مضبوط ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح هئڻ گهرجي. هن چيو ته رياستي ادارا ڪمزور هئڻ سبب ايترو روينيو گڏ نه ٿا ڪري سگهن جيڪو انساني ڀلائي تي خرچ ڪري سگهن ۽ اهو ئي ٻه بنيادي مسئلا  آهن. سندس چوڻ هو ته ٻن وڏين پارٽين جي پاليسين اميرن کي وڌيڪ امير ۽ غريبن کي ويتر غريب ڪري ڇڏيو آهي، 30 سالن دوران امير ۽ غريب ۾ فرق وڌي ويو آهي. عمران خان چيو ته سروي اڪثر گمراهه ڪندڙ هوندا آهن، ووٽر جڏهن ووٽ ڏيڻ لاءِ ذهن ٺاهيندو آهي ته حقيقي تبديلي تڏهن ايندي آهي. هن چيو ته اسان سمجهو ٿا ته هيءَ اها حقيقت آهي جڏهن ته تحريڪ انصاف چونڊن ۾ ڀرپور ڪاميابي حاصل ڪندي. سندس چوڻ هو ته مان جهڙي به گهر ۾ رهان مان جائز ڪمائي مان ٺاهيو آهي،جيڪڏهن مان ايئن رهان ٿو جيئن منهنجي دل چاهي ته اهو منهن جو حق آهي. عمران خان چيو ته نواز شريف ڪجهه نه هو، کيس فوج وڏو وزير ۽ وزيراعظم بڻايو، بلاول ڀٽو زرداري جي ڳالهه کي نظرانداز ڪري سگهجي ٿو، کيس خبر ئي ناهي ته ملڪ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، جڏهن ته مان 22 سال جدوجهد ڪئي آهي. عمران خان چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ خوشگوار لاڳاپا اهم آهن، آمريڪي صدر ٽرمپ طرفان افغان جنگ ۾ شڪست جو ذميوار پاڪستان کي قرار ڏيڻ سان پاڪستاني عوام کي صدمو پهتو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The Imran Khan will continue to announce the name of the nation today

وزيراعظم عمران خان جو حڪومتي ڪارڪردگي تي قوم کي خطاب ملتوي ڪيو ويو: فواد چوڌري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے