20 خميس , سيپٽمبر 2018

وقار يونس ۽ محمد اڪرم کي ڪينيڊين ٽي 20 ليگ ۾ ڪوچنگ ڪندا

Waqar Younis and Mohammad Akram will score two different teams in the Canadians T20ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ۽ ڪپتان وقار يونس ۽ اڳوڻو فاسٽ بالر محمد اڪرم گلوبل ٽي 20 ڪينيڊا سان سان جڙجي ويا. اڳوڻو هيڊ ڪوچ وقار يونس ڪينيڊين ليگ ۾ وني پيگ ايگلز جي ڪوچنگ ڪندو جڏهن ته اڳوڻو فاسٽ بالر محمد اڪرم ايڊمنٽن رائلز ڏانهن پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندو، ان کانسواءِ آسٽريليا جو اڳوڻو فاسٽ بالر ٽام موڊي مونٽريال ٽائيگرز جي ڪوچنگ جو ذميواريون ادا ڪندو. وقار يونس چيو آهي ته گلوبل ٽي 20 عالمي ڪرڪيٽ جا وڏا وڏا نالا شرڪت ڪندا، 28 کان 16 جولائي تائين شيڊول ليگ لاءِ رانديگرن جي ڊرافٽنگ ايندڙ سومر تي ٿيڻ جو امڪان آهي، ايونٽ ۾ 6 فرنچائز ٽيمون ايڪشن ۾ نظر اينديون. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ليگ ۾ بال ٽيمپرنگ ڪيس تي هڪ سال جي پابندي جو شڪار ٿيل اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان اسٽيون سمٿ جو نالو پڻ شامل ڪيو ويو ، ان کان سواءِ ڪرس لين، ڊيوڊ ملر، ڪرس گيل، آنڊري رسل، سنيل نارائن، ڊيوائن براوو سميت ڪيترائي اسٽار ڪرڪيٽر ڊرافٽ ۾ سليڪشن لاءِ موجود هوندا، رانديگرن کي 3 هزارن کان ويندي هڪ لک ڊالرن تائين معاضو ادا ڪيو ويندو، اسٽيڊيم ۾ 7 هزار تماشائين ويهڻ جي گنجائش آهي، پچ سميت ٻيا انتظام عارضي طور تي ڪيا ويندا. ياد رهي ته  ليگ ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو آل رائونڊي شاهد آفريدي پڻ شرڪت ڪندو، آفريدي عالمي ڪرڪيٽ تان ريٽائر ٿي چڪو آهي رڳو ڪرڪيٽ ليگن ۾ شرڪت ڪندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪوهلي جي نه هجڻ سان ڀارتي ٽيم تي فرق ضرور پوندو: سرفراز احمد

دبئي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ورات ڪوهلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے