22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽ  ٽيم جي سالياني ايوارڊن وارو ميلو ربادا لُٽي ورتو

The South African Cricket Team defeated the historic tournamentجوهانسبرگ(اسپورٽس نيوز) ڪاگيسو ربادا ڏکڻ آفريڪا جي ايوارڊن واروميلو ٻنهي هٿن سان لٽي ورتو، هن هڪ ئي وقت 6 ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيا. ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان فاسٽ بالر ڪاگيسو ربادا ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽ ايوارڊن واري ميلي ۾ تقريبن ڪلين سوئپ ڪيو، هن 6 ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيا جن ۾ سال جي بهترين رانديگر جو ايوارڊ، سال جي بهترين ٽيسٽ ڪرڪيٽر، بهترين ون ڊي ڪرڪيٽر، پيلئر جوائس ۽ فينس جوائس ايوارڊ سان گڏ سال جي بهترين بال جو اعزاز پڻ پنهنجي نالي ڪيو. ويجهڙائي ۾ عالمي ڪرڪيٽ تان ريٽائرمنٽ جو اعلان ڪندڙ ابراهم ڊي ويليئرز  کي  سال جي بهترين عالمي ٽي 20ڪرڪيٽر جو ايوارڊ ڏنو ويو،  ڊين وان نيڪريڪ کي سال جي بهترين عورت ڪرڪيٽر قرار ڏنو ويو ، لائورا وولوارڊٽ کي پليئرچوائس ايوارڊ ۽ سال جي بهترين ون ڊي پليئر هئڻ جو اعزاز پڻ پنهنجي نالي ڪيو. شلوئي ٽريون کي سال جو بهترين ٽي 20 پليئر قرار ڏنوويو. ايوارد حاصل ڪندڙن جو اعلان گذريل رات سينڊٽون ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ ڪيوويو . ڪاگيسو ربادا هن وقت آءِ سي سي ٽيسٽ بالرن واري رينڪنگ ۾ پهرين پوزيشن تي موجود آهي، هو ان کان اڳ 2016 ۾ پڻ وڌيڪ ايوارڊ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو هو جتي هن هڪ ئي وقت 6 ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيا هئا. 2017 ۾ رابادا دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽيسٽ وڪيٽون وٺڻ وارن بالرن ۾ ٻئين نمبر تي رهيو، هن ٽيسٽ ۾ 57 شڪار ڪيا، هن جي اڳيان ڪينگرو آف اسپنر ناٿن ليون هو جنهن جي ٽيسٽ وڪيٽن جو انگ 63 هو ، پر ربادا 20.28 جي ايوريج ۽ آسٽريلوي آف اسپنر جي 23.55 جي ايوريج کان بهتر هئي. ٻنهي کي هڪ جيتريون ئي ميچون کيڏيون هيون.  هلندڙ سال به هن وقت تائين ربادا 7 ٽيسٽ ميچن 38 وڪيٽون وٺي وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ بالرن واري فهرست ۾ ٽاپ تي موجود آهي. جنهن بال تي کيس ايواڊ مليو اهو هن هلندڙ سال ڪيپ ٽائون ۾ آسٽريليا جي ڊيوڊ وارنر تي هلايو هيو جنهن اسٽمپ کي پٽي کڻي اڇلايو هيو. ڊيوڊر ملر کي بنگلاديش جي خلاف تيز ترين ٽي 20 سينچري تي خاص ايوارڊ ڏنوويو. ڊيبيو ٽيسٽ سيز ن ۾ 55.55 جي ايوريج سان هزار رنسون اسڪور ڪندڙ ايڊين مارڪرم کي سال جو بهترين اڀرندڙ ستارو قرار ڏنوويو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪوهلي جي نه هجڻ سان ڀارتي ٽيم تي فرق ضرور پوندو: سرفراز احمد

دبئي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ورات ڪوهلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے