22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

پنجاب ۾ نگران وڏي وزير لاءِ پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ تي اتفاق

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب ۾ نگران وڏي وزير لاءِ پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس اربع ڏينهن گهرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. پنجاب ۾ نگران وڏي وزير لاءِ پهريون اڳوڻي چيف سيڪريٽري ناصر کوسا جي نالي تي اتفاق ڪيو ويو پر بعد ۾ عمران خان بعد ۾ نالو واپس ورتو جنهن تي سخت تنقيد ڪئي وئي. پنجاب ۾ نگران وڏي وزير لاءِ پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس اربع تي گهرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. تحريڪ انصاف طرفان پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ محمود الرشيد، سبطين خان ۽ شعيب صديقي پارلياماني ڪميٽي جا ميمبر هوندا جڏهن ته ن ليگ ملڪ احمد خان، راڻا ثناءَ الله ۽ خواجه عمران نذير کي ڪميٽي ۾ شامل ڪيو آهي. ذريعن موجب پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس اربع ڏينهن 2 وڳي گهرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. تحريڪ انصاف طرفان اياز امير ۽ حسن عسڪري جو نالو پيش ڪيو ويندو جڏهن ته ن ليگ جسٽس رٽائرڊ سائر علي ۽ اڳوڻي نيوي چيف ذڪاءَ الله جو نالو ڏيندي.  پارلياماني ڪميٽي کي 6 جون تي يعني ساڳي ڏينهن ان حوالي سان فيصلو ڪرڻو آهي جيڪڏهن پارلياماني ڪميٽي فيصلو نه ڪري سگهي ته معاملو اليڪشن ڪميشن ۾ هليو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاناما ريفرنسز جي منتقلي خلاف نيب اپيل 25 سيپٽمبر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم  نواز شريف بابت پاناما ريفرنسز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے