21 جمعو , سيپٽمبر 2018

ڪي پي جي نگران وڏي وزير لاءِ 4 نالا اليڪشن ڪميشن حوالي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  ڪي پي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر صوبي ۾ نگران وڏي وزير لاءِ 4 نالا اليڪشن ڪميشن حوالي ڪري ڇڏيا آهن. ڪي پي ۾ نگران وڏي وزير جي معاملي تي پارلياماني ڪميٽي به ڪنهن نتيجي تي نه پهچي سگهي جنهن بعد معاملو اليڪشن ڪميشن حوالي ٿي ويو آهي. ڪي پي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر اليڪشن ڪميشن کي هڪ خط موڪليو آهي جنهن ۾ صوبي جي نگران وڏي وزير لاءِ 4 نالا ڏنا ويا آهن. حڪومت طرفان حمايت الله خان ۽ اعجاز قريشي جا نالا شامل آهن، جڏهن ته مخالف ڌر طرفان منظور آفريدي ۽ جسٽس رٽائرڊ دوست محمد جو نالو ڏنو ويو آهي. اسپيڪر جي خط ۾ چيو ويو آهي ته پارلياماني ڪميٽي نگران وڏي وزير جي نالي تي متفق نه ٿي سگهي آهي تنهن ڪري اليڪشن ڪميشن آئين تحت ٻن ڏينهن اندر نگران وڏو وزير نامزد ڪري. اسد قيصر خانگي ٽي وي سان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر کي نگران وڏو وزير نامزد ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي، اليڪشن ڪميشن اڱاري تائين نگران وڏي وزير جي اعلان جي پابند آهي. ٻئي طرف اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته ڪي پي جي نگران وڏي وزير لاءِ صوبائي اسيمبلي جي اسپيڪر طرفان نالو ملڻ بعد ايندر ٻن ڏينهن ۾ هڪ نالي جو اعلان ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے