20 خميس , سيپٽمبر 2018

اسڪالينڊ خلاف ٽي 20 سريز لاءِ پاڪستان  ٽيم جو اعلان

Pakistan team announces for against scotlandلاهور(اسپورٽس نيوز) اسڪاٽ لينڊ جي خلاف ٽي 20 ميچن جي سريز لاءِ پاڪستاني ٽيم نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو. پاڪستان ٽي 20 اسڪواڊ ۾ هڪ تبديلي ڪئي وئي آهي انجري جي شڪار بابر اعظم جي جاءِ تي حارث سهيل کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب اسڪاٽ لينڊ خلاف 2 ٽي 20 ميچن جي سريز لاءِ پاڪستان ٽيم اعلان ڪري ڇڏيو آهي، اعلان ڪيل اسڪواڊ ۾ سرفراز احمد ڪپتان، شعيب ملڪ، محمد عامر، حسن علي، راحت علي، عثمان شنواري، شاهين آفريدي، آصف علي، حسين طلعت، فهيم اشرف، محمد نواز ۽ شاداب خان کي شامل ڪيو ويو آهي.  جڏهن ته پاڪستان ٽي 20 اسڪواڊ هڪ تبديلي ڪئي وئي آهي ته زخمي بابر اعظم جي جاءِ تي حارث سهيل کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.پاڪستان ۽ اسڪاٽ لينڊ جي ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽي 20 ميچ 12 جون ۽ ٻي آخري ميچ 13 جون ايڊن برگ ۾ کيڏي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The Swordswriter Zulton Abraham completed 500 goals

سوئيڊش اسٽرائيڪر زلاٽن ابراهمووچ 500 گول مڪمل ڪري ورتا

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ ) سوئيڊش اسٽرائيڪر لاٽن ابراهمووچ ڪيريئر ۾ 500 گول مڪمل ڪري ورتا، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے