26 اربع , سيپٽمبر 2018

فاروق ستار سميت 4 ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي گرفتاري جو حڪم

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي جي مقامي عدالت لائوڊ اسپيڪر ايڪٽ جي ڀڃڪڙي بابت ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار، نسرين جليل، حيدر عباس رضوي ۽ فيصل سبز واري کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.  ڪراچي سٽي ڪورٽ ۾ جوڊيشل مئجسٽريٽ سينٽرل  جي عدالت ۾ لائوڊ اسپيڪر ايڪٽ جي ڀڃڪڙي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي. عدالت ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ فاروق ستار ۽ ٻين اڳواڻن جي گرفتاري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت ايم ڪيو ايم جي ٻين اڳواڻن نسريل جيل، حيدر عباس رضوي، فيصل سبزواري جي گرفتاري جو حڪم ڏيندي چيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري 9 جولاءِ تي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے