23 آچر , سيپٽمبر 2018

سپريم ڪورٽ نامزدگي ڪاغذن بابت لارجر بئنچ جوڙڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

Asghar Khan Case: A government was formed to form a committee: Chief Justiceاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ نامزدگي ڪاغذن ۾ ترميم جي معاملي تي لارجر بئنچ جوڙڻ جو اشارو  ڏئي ڇڏيو آهي، اليڪشن ڪميشن ۽ اياز صادق جي اپيلن تي ٻڌڻي سومر تي ٿيندي. چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ بئنچ نامزدگي ڪاغذن ۾ ترميم بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.درخواستگذار عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته ووٽر طور اميدوارن جا مڪمل تفصيل حاصل ڪرڻ منهنجو حق آهي، 10 منٽن ۾ نئون فارم ڊائون لوڊ ۽ اپ لوڊ ڪري سگهجي ٿو. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته پارليامينٽ سپريم باڊي آهي، پارليامينٽ ئي قانونسازي ڪئي تنهن ڪري گذريل ڏينهن حڪم نامو جاري ڪيو. هن چيو ته هاڻي فارم ۾ تبديلي ڪرڻ سولو ڪم ناهي.  چيف جسٽس سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري کان اليڪشن ڪميشن ۽ اياز صادق جي اپيلن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو ۽ اپيلن تي ٻڌڻي لاءِ لارجر بئنچ جوڙڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن ۽ ايازصادق جي اپيلن تي ٻڌڻي اربع تي ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊيم جي مخالفت تي آرٽيڪل 6 لڳي ٿو ته ڀلي لڳي: اسفند يار ولي

لاهور (ويب ڊيسڪ) عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفند يار ولي چيو آهي ته جيڪي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے