23 آچر , سيپٽمبر 2018

عائشه احد جي فرياد تي حمزا شهباز خلاف هڪ وڌيڪ ڪيس داخل

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) عائشه احد پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جي پٽ حمزا شهباز ۽ نياڻي علي عمران خلاف ڏکڻ ڇانوڻيءَ ٿاڻي ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي. ڏکڻ ڇانوڻي ٿاڻي تي ۾ جمع ڪرايل عائشه احد جي درخواست موجب حمزا شهباز 16 فيبروري 2011ع تي گهر منتقل ڪرڻ بهاني مون کي گهرايو، جتي مون کي علي عمران سان گڏجي تشدد ڪيو ويو ۽ قتل جون ڌمڪيون ڏنيون، موبائيل فون، جيولري ۽ پرس کسيا ويا. عائشه احد موجب حمزا شهباز ۽ علي عمران  مون کي اجايو قيد رکيو ۽ صبح جو اتي پهتس ته ڊرائيور مون کي ٻئي هنڌ وٺي ويو.  درخواستگذار موجب عائشه احد جو چوڻ آهي ته حمزا شهباز ۽ علي عمران مون کان خالي اسٽيمپ پيپر تي صحيح ڪرائڻ چاهين ٿا. هن چيو ته حمزا شهباز جا غنڊا منهنجي گهر مان ليپ ٽاپ، نڪاح نامو ۽ دستاويز به چوري ڪري ويا آهن.  پوليس موجب قانوني ڪارروائي لاءِ داخل ڪيل درخواست جو جائزو ورتو پيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گورنر هائوس عوام جي ملڪيت آهي، عمران خان واعدو پورو ڪيو: چوڌري سرور

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي گورنر چوڌري سرور چيو آهي ته پنجاب جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے