21 جمعو , سيپٽمبر 2018

25 جولاءِ 2018 تي ملڪ جي تاريخ جون اهم ترين چونڊون ٿينديون:محمد زبير

History of the country will be elected on 25 July 2018: Mohammad Zubairڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر محمد زبير چيو آهي ته 25 جولاءِ 2018ع تي ملڪ جي تاريخ جون اهم ترين چونڊون ٿينديون، جنهن ۾ سياستدانن ۽ عوام کي تحمل، بردباري، صبر، برداشت ۽ رواداري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو.سنڌ جي گورنر چيو ته چونڊن واري ڏينهن سياسي اختلافن ۽ رنجشن کي هڪ پاسي رکندي ملڪ ۽ قوم جي بهتر ۽ روشن مستقبل لاءِ سٺي قيادت جي چونڊ ڪرڻ عوام جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي.هن چيو تھ  سڀني سياسي پارٽين ۽ خاص طور تي عوام جي ذميواري آهي ته 25 جولاءِ جي اعلانيل تاريخ تي عام چونڊون يقيني بڻائين. نيب جي قدمن تي سوال جي جواب ۾ سنڌ جي گورنر چيو ته احتساب ٿيڻ سٺو عمل آهي پر اهو منصفاڻي ۽ شفاف انداز ۾ ٿيڻ گهرجي.هن چيو ته گذريل حڪومت انتهائي مشڪل حالتن ۾ اقتدار سنڀاليو ان وقت ملڪ اندر امن امان جي صورتحال خراب هئي، توانائي بحران سنگين ۽ قومي معيشت خطرناڪ صورت اختيار ڪري چڪي هئي.سندس چوڻ هو تھ گذريل حڪومت قومي جذبي تحت ڏينهن رات محنت ڪري ملڪ جي حالتن کي بهتر بڻايو.گورنر محمد زبير  وڌيڪ چيو تھ اڄ سڄي ملڪ ۾ امن امان قائم ٿي چڪو آهي، توانائي بحران ختم ۽ قومي معيشت تاريخ جي بلند ترين سطح تي اچي چڪي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Muharram-ul-Haram Jalos, mobile services closed in different cities

محرم الحرام جا جلوس، مختلف شهرن ۾ موبائل سروس بند

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ ۾  8 محرم الحرام جا جلوس، مختلف شهرن ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے