20 خميس , سيپٽمبر 2018

ويمنز 20 ايشيا ڪپ۾  پاڪستان جي ڪاميابي سان شروعات

Vienna 20 Asia Cupetia launches successfully in Pakistanڪوالامپور(اسپورٽس نيوز) ويمنز ٽي 20 ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ ۾ پاڪستان ويمنز ڪرڪيٽ ٽيم جي فتحاڻي شروعات ڪري ڇڏي. تائي لينڊ جي خلاف آساني سان 8 وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪري ورتي. ويمنز ٽي 20 ايشيا ڪپ ايونٽ جي شروعات ملائيشيا جي گادي واري شهر ڪوالامپور ۾ ٿي چڪي آهي. شروعاتي ٽن ميچن جو فيصلو ٿيو، پاڪستان سميت ڀارت ۽ سريلنڪا جي ٽيمن مخالف ٽيم خلاف ڪاميابي حاصل ڪئي، گذريل ڏينهن ملائيشيا ۾ شروٿ ٿيل ايونٽ پاڪستان ويمنز ٽيم پنهنجي شروعاتي ميچ ۾ ٿائي لينڊ جي ويمنز ٽيم کي آساني سان 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ٿائي لينڊ ويمنز ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 67 رنسون ٺاهيون ٿائي لينڊ جا اٺ پليئر ڊبل فگر ۾ به نه پهچي سگهيا. چن تم ۽ ڪپتان ٽيپوچ 17، 17 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيون، ثناءَ مير 2 وڪيٽون حاصل ڪيون جڏهن ته ڊيانا بيگ، نشرا، ندا ڊار ۽ ڪائنات امتياز هڪ، هڪ وڪيٽ وٺڻ ۾ ڪامياب رهيون، ٿائي لينڊ طرفان مليل 68 رنسن جي ٽارگيٽ جي جواب ۾ پاڪستان ٽيم گهربل هدف 13.1 اورن ۾ 2 وڪيٽڻ تي پورو ڪري ورتو. ناهيدا خان شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 5 چوڪن جي مدد سان 38 رنسون ٺاهيون پنهنجي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جويريه خان 18 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهي، منيبه علي ۽ ڪپتان بسمه معروف 6، 6 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيون. ٻئي ميچ ۾ ڀارت ويمنز ٽيم ميزبان ملائيشيا کي 142 رنسن جي وڏي مارجن تان شڪست ڏئي ٻين ٽيمن لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي، ڀارت پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 169 رنسون جو ٽارگيٽ سيٽ ڪيو، مٿالي راج ٽن رنسن جي فرق سبب پنهنجي سينچري مڪمل نه ڪري سگهي ۽ 97 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهي، ڪپتان ايچ ڪور 32 رنسون ٺاهي نمايان اسڪورر رهي. ملائيشيا جي ٽيم جي 13.4 اورن ۾ رڳو 27 رنسن تي ڍير ٿي وئي. هڪ ٻي ميچ ۾ سريلنڪا ويمنز ٽيم بنگلاديش کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏني. ياد رهي ته اڄ ويمنز ٽي 20 ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جي وڌيڪ ٽن ميچن جو فيصلو ٿيندو، پاڪستان جو ڀارت سان مقابلو ٿيندو،  ڀارت ٿائي لينڊ جڏهن ته سريلنڪا جي ٽيم ملائيشيا سان مهاڏو اٽڪائيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪوهلي جي نه هجڻ سان ڀارتي ٽيم تي فرق ضرور پوندو: سرفراز احمد

دبئي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ورات ڪوهلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے