20 خميس , سيپٽمبر 2018

آمريڪي صدر ٽرمپ هلندڙ هفتي وائٽ هائوس۾ ”افطاري ڊنر“ ڏيندو

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هلندڙ هفتي مسلمانن جي اعزاز ۾ وائٽ هائوس ۾ افطاري ڪرائيندو. پرڏيهي خابرو اداري هڪ رپورٽ موجب ٽرمپ جو افطاري ڊنر 6 جون تي ٿيندو. جڏهن ته وائٽ هائوس جي طرفان اڃان تائين مهمانن جي فهرست جاري ناهي ڪئي وئي. ياد رهي ته گذريل سال ٽرمپ افطاري ڊنر نه ڏئي اڳوڻي صدر بل ڪلنٽن، جارج ڊبليو بش ۽ باراڪ حسين اوباما جي ٻن ڏهاڪن تي ٻڌل روايت ٽوڙي ڇڏي هئي. جنهن تي وائٽ هائوس کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت ۾ هڪ ئي وقت 3 طلاقون ڏيڻ تي سزا جي منظوري

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪابينا هڪ ايگزيڪيوٽو آرڊر جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے