22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

چيف جسٽس ثاقب نثار طرفان جناح اسپتال لاهور جو دورو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ثاقب نثار جناح اسپتال جو دورو ڪيو ۽ سهولتن جي کوٽ تي ايم ايس ۽ علامه اقبال ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال کي ڇنڊ پٽي. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ اهم ڪيسن جي ٻڌڻي بعد جناح اسپتال لاهور جو دورو ڪيو ۽ مريضن کي فراهم ٿيندڙ سهولتن جو جائزو ورتو.  چيف جسٽس اسپتال جي مختلف وارڊن جو دورو ڪيو ۽ مريضن کان مسئلا معلوم ڪيا. چيف جسٽس ايمرجنسي آپريشن ٿيٽر جو دورو به ڪيو. ان موقعي تي ايمرجنسي جي اي سي بند ٿي وئي. هڪ بيڊ تي 2 مريض ليٽائڻ تي چيف جسٽس انتظاميه کي ڇنڊ پٽي. علامه اقبال ميڊيڪل جي پرنسپال مشينن بابت بريفنگ ڏني. چيف جسٽس ايم آر آءِ مشين خراب هئڻ تي ايم ايس عاصم حميد ۽ پرنسپال راشد ضياءَ کي ڇنڊ پٽي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے