25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

سرحد پار کان چيڪ پوسٽ تي حملو، جوابي ڪارروائي ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) افغان سرحد طرفان باجوڙ ۽ افغستان جي علائقي قمرالدين ۾ پاڪستاني چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ ايف سي جا 4 ۽ پاڪ فوج جو هڪ جوان زخمي ٿي پيو، جڏهن ته سڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ افغان سرحد تي تار لڳائڻ جو ڪم معمول موجب جاري هو ته افعانستان جي سرحدي علائقي مان پاڪستاني چيڪ پوسٽن تي حملو ڪيو ويو، باجوڙ ۽ بلوچستان جي علائقي قمر الدين ۾ دهشتگردن فائرنگ ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب حملي ۾ ايف سي جا 4 ۽ پاڪ فوج جو هڪ جوان زخمي ٿي پيو. سڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا ۽ جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا. پاڪ فوج جي ترجمان موجب تار لڳائيندڙ ٽيمن تي حملو ڪندڙ دهشتگردن کي افغانستان جي مدد حاصل هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سيف الرحمان جي  ويئر هائوس مان 20 قيمتي گاڏيون هٿ

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) ڪسٽمز انٽيليجنس روايت ويجهو مسلم ليگ ن جي اڳوڻي سينيٽر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے