25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ماحول ۽ صورتحال ڏسي وهاب رياض کي ڊراپ ڪيو ويو :اظهر محمود

Seeing the environment and situation, Wahab Riaz was scared: Azhar Mahmood

هيڊنگلي(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي بالنگ ڪوچ اظهر محمود فاسٽ بالر وهاب رياض کي انگلينڊ جي دوري تان ڊراپ ڪرڻ جو سبب ٻڌائيندي چيو آهي ته سيزن جي شروعاتي حصي ۾ ماحول فاسٽ بالر لاءِ گهڻو سازگار ناهي هوندو، پر  سوئنگ ۽ ميڊيم پيسر وڌيڪ ڪامياب رهندا آهن انڪري سليڪٽرن کيس نظرانداز ڪري ڇڏيو. اظهر محمود چيو ته وهاب رياض مستقبل جي پالاننگ ۾ شامل آهي پر ان ڳالهه کي پڻ نظر انداز نٿو ڪري سگهجي ته ڪيترائي ڀيرا ڪنهن رانديگر کي ان سبب ڪري ٽيم مان ڊراپ ڪيو ويندو آهي  ته جيئن هو پهريان کان به وڌيڪ مضبوطي سان واپسي ڪري ڇو ته راند ۾ سستي ۽ بيزاري وارو عنصر پڻ شامل هوندو آحي،  هن وڌيڪ چيو ته ڊربي شائر جي طرفان کيڏندي وهاب رياض جي بالنگ ۾ بهتري پيدا ٿي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايشيا ڪپ: ڀارت هڪ دفعو وري پاڪستان کي هارائي ڇڏيو

دبئي (اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ جي سرپر فور جي هڪ ميچ ۾ ڀارت پاڪستان کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے