25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ايراني هوائي فوج جو جنگي جهاز ڪري تباهه، ٻئي پائلٽ محفوظ

اصفهان(ويب ڊيسڪ)ايران جي صوبي اصفهان ۾ هوائي فوج جو ويڙهاڪ جهاز ڪري تباهه ٿي ويو. پرڏيهي خابرو اداري موجب ايراني هوائي فوج جو ايف 7 ويڙهاڪ جهاز تربيتي اُڏام تي ويل هو، ته اڻڃاتل سبب ڪري حسن آباد شهر ۾ ڪري تباهه ٿي ويو، حادثي جو شڪار ٿيندڙ جهاز ۾ ٻه پائلٽ سوار هئا جيڪو خطرو محسوس ڪندي جهاز مان حفاظت سان پيرا شوٽ ذريعي ٻاهر نڪري ويو آهي.رپورٽن موجب تباهه ٿيندڙ جهاز جو ملبو پري تائين وکري ويو ۽ ان مان دنهون اٿندو رهيو، واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، ياد رهي ته گذريل مهيني 29 مئي تي پڻ ايران فوج جو هڪ تربيتي جهاز تهران ويجهو ڪري تباهه ٿي ويو هو جنهن عملي جا ٻه ميمبر فوت ويا هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Trade war between the United States and China: another applied applies to tariffs

آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ واپاري جنگ: هڪ ٻئي جي شين تي ٽيرف لاڳو

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) دنيا جي ٻن وڏين معاشي طاقتن آمريڪا ۽ چين هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے