20 خميس , سيپٽمبر 2018

شهباز شريف ۽ محمود الرشيد ۾ ملاقات جو امڪان ناهي: راڻا ثناءَ الله

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ ۽ پنجاب جي اڳوڻي قانون واري وزير راڻا ثناءَ الله چيو آهي ته شهباز شريف ۽ محمود الرشيد جي اڄ ملاقات جو ڪو به امڪان ناهي، رات12 وڳي کانپوءِ نگران وڏي وزير جو معاملو پارلياماني ڪميٽي کي منتقل ٿي ويندو پر شايد معاملو اليڪشن ڪميشن ۾ هليو وڃي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءَ الله چيو ته شهباز شريف ۽ محمود الرشيد ۾ اڃا ڪابه ملاقات شيڊول ناهي ۽ نه وري اڄ ڪو امڪان آهي. هن چيو ته نگران وزيراعظم جي معاملي تي مخالف ڌر اتفاق راءِ کانپوءِ پوئتي هٽي وئي. سندس چوڻ هو ته رات 12 وڳي کانپوءِ نگران وڏي وزير جو معاملو پارلياماني ڪميتي کي منتقل ٿي ويندو. راڻا ثناءَ الله چيو ته ٻنهي اڳواڻن ۾ آئيني طور مشاورت ناڪام ٿي چڪي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي دوستن کي عهدا ڏيڻ جو تاثر درست ناهي: نعيم الحق

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمرنا خان جي صلاحڪار نعيم الحق حڪومت ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے