24 سومر , سيپٽمبر 2018

عام چونڊون 25 جولاءِ تي ئي ٿينديون: نگران وزيراعظم  

سوات ( ويب ڊيسڪ ) نگران وزيراعظم ناصر الملڪ  سوات ۾ پنهنجي اباڻي علائقي جو دورو ڪيو جتي انتظاميه سندس آجيان ڪئي. نگران وزيراعظم ناصر الملڪ پنهنجي اباڻي علائقي سوات جو دورو ڪري پنهنجي والد جي قبر تي فاتحه خواني ڪئي. پنهنجي اباڻي علائقي آمد جي موقعي تي مقامي انتظاميه ناصر الملڪ سندس آجيان ڪئي. نگران وزيراعظم علائقي جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي. علائقي اڳواڻن نگران وزيراعظم کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي. ان موقعي تي جسٽس رٽائرڊ ناصر ملڪ چيو آهي ته مان رڳو ٻن مهينن لاءِ آيو آهيان ۽ پڪ ڏياريان ٿو ته چونڊون 25 جولاءِ تي ئي ٿينديون. هن چيو ته ملڪ ۾ سمورا ڪم آئين ۽ انصاف موجب ئي ٿيندا. سندس چوڻ هو ته مان پنهنجي اختيارن موجب ماڻهن جي خدمت ڪندس.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ديامر ڀاشا ۽ مهمند ڊيم فنڊ جو نالو پي ايم سي فنڊ رکڻ جي منظوري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ديا مر ڀاشا ۽ مهمند ڊيم فنڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے