19 اربع , سيپٽمبر 2018

ايڊن هائوسنگ اسڪيم اسڪينڊل: مالڪ سميت 4 جوابدارن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جو حڪم

لاهور ( ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ايڊن هائوسنگ اسڪيم اسڪينڊل ۾ ايڊن سوسائٽي جي مالڪ سميت چئن جوابدارن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بئنچ ايڊن هائوسنگ اسڪيم اسڪينڊل جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس نيب جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ايڊن سوسائٽي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي؟ نيب اختيارين ٻڌايو ته جاچ جاري آهي ۽ نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ لاءِ هيڊ ڪوارٽرز کي خط لکيو ويو آهي. نيب جو چوڻ آهي ته جوابدار 12 مارچ تي ملڪ مان ڀڄي ويا هئا، جوابدارن جا سمورا اڪائونٽس ۽ ملڪيتون سيل ڪيون ويون آهن، سندن ريڊ وارنٽ جاري ڪرائي پرڏيهه مان گرفتار ڪرائي واپس آندو ويندو. چيف جسٽس نيب جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته توهان کي خبر آهي ته ريڊ وارنٽ ڪيئن جاري ٿيندا آهن، بنا عدالتي ڪارروائي ريڊ وارنٽ جاري نه ٿا ٿي سگهن. عدالت ايڊن سوسائٽي مالڪ سميت چئن جوابدارن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے