23 آچر , سيپٽمبر 2018

ڇا شهباز شريف سلطان آهي، جيڪو چاهي حڪم جاري ڪري، احتساب  ضرور ٿيندو: چيف جسٽس

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور ٽرانسپلانٽ پي ڪي ايل آءِ جي ٽن هفتن ۾ آڊٽ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ ڊاڪٽر وسيم اختر جي پرڏيهه وڃڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بئنچ پي ڪي ايل آءِ ۾ بي ضابطگين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.  چيف جسٽس ثاقب نثار پي ڪي آءِ ايل جي سربراهه ڊاڪٽر سعيد اختر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ پي ڪي ايل آءِ ۾ 20 ارب رپين جي خرچ جي فارنزڪ آڊٽ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس ڊاڪٽر سعيد کي حڪم ڏنو ته توهان اجازت کانسواءِ پرڏيهه نه ٿا وڃي سگهو، توهان قومي ناڻي جا 20 ارب ڪٿي لڳائي ڇڏيا، مڪمل احتساب ٿيندو ۽ ڀڄڻ نه ڏنو ويندو. ڊاڪٽر سعيد اختر چيو ته منهنجو ڪيريئر بي داغ آهي، ڪا به ڪرپشن نه ڪئي آهي. چيف جسٽس چيو ته 12، 12 لک رپين تي ڊاڪٽر ڀرتي ڪري ملڪ جي ڪهڙي خدمت ڪئي ڇو نه هاڻي وڏي وزير کي طلب ڪري سڀ ڏيکاريان، هي ڪا سلطنت نه هئي ته سلطان جيڪو مرضي حڪم ڏيندو رهي. ڊاڪٽر سعيد اختر چيو ته وڏي وزير جو ڊاڪٽرن جي پگهارن سان ڪو به تعلق ناهي. چيف جسٽس چيو ته توهان کي ڪڙي احتساب مان گذرڻو پوندو، ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The Prime Minister will be present on the new constitutional system

وزيراعظم اڄ لاهور پهچندو، نئين بلدياتي نظام تي بريفنگ وٺندو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان اڄ منجهند لاهور پهچندو ۽ نئين مڪاني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے