19 اربع , سيپٽمبر 2018

چيف جسٽس جي حڪم تي حمزا شريف سميت 6 ڄڻن تي ڪيس داخل

Clean Water Company: Hamza Shahbaz will be present in the NAB office todayلاهور ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ثاقب نثار جي حڪم تي لاهور پوليس ستن ورهين بعد عائشه احد جي درخواست تي حمزا شهباز سميت ستن ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جي پٽ حمزا شهباز خلاف ڪيس ۾ تشدد، چوري، ڦرلٽ، ڀڃ ڊاهه، قتل جي ڌمڪين ۽ زيادتي جي ڪوشش جون شقون شامل ڪيون ويون آهن. چيف جسٽس ثاقب نثار آءِ جي پنجاب کي حمزا شهباز شريف تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو هو ته عدالتي حڪم تي عمل نه ٿو ڪري سگهي ته موڪل تي هليو وڃي. سي سي پي او لاهور ڪيپٽن امين وينس موجب ڪيس ۾ نامزد ٻين جوابدارن ۾ ذوالفقار چيما، انسپيڪٽر عتيق ڊوگر، اڳوڻو انسپيڪٽر جنرل راڻا مقبول ۽ عمران يوسف به شامل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عالمي فوجداري عدالت روهنگيا مسلمانن خلاف ڏوهن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي

دي هيگ (ويب ڊيسڪ) عالمي فوجداري عدالت روهنگيا مسلمانن خلاف ڏوهن جي عبوري جاچ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے