21 جمعو , سيپٽمبر 2018

پاڪستان کي ”ناڪام رياست“ چوڻ تي عروا حسين ڀارتي ادڪارا مٿان ڪڙڪي  پئي

urwa Hussain attacked the Indian emperor, saying Pakistan was "failed"ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان اداڪارا ۽ مڊل عروه حسين ڀارتي اداڪارا سوارا ڀاسڪر کي پاڪستان کي ”ناڪام رياست“ چوڻ ۽ پاڪستان جي خلاف ٻٽي پاليسي جوڙڻ تي سندس مٿان ڇتي تنقيد ڪئي آهي. ويجهڙائي ۾ ئي ريليز ٿيل ڪرينا ڪپور جي فلم“ويري دي ويڊنگ“ ۾ اهم ڪردار  ادا ڪندڙ اداڪارا سوارا ڀاسڪر پڻ ٻين ڀارتي اداڪارن جيان پاڪستان جي خلاف زهر اوڳاڇڻ کان سواءِ نه رهي سگهي. فلم”ويري دي ويڊنگ“ بولڊ ڊائلاگ ۽ غيراخلاقي سين هئڻ سبب فلم تي پاڪستان ۾ پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي جڏهن ته اها پابندي فلم ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ اداڪارا سوارا ڀاسڪر کي ٽپ نه وڻي ۽ هن پاڪستان حڪومت مٿان تنقيد ڪرڻ شروع ڪري ڏني. هڪ شو دوران جڏهن فلم تي پاڪستان ۾ پابندي جي حوالي سان سندس راءِ پڇي وئي ته هن پڻ ٻين ڀارتين جيان پاڪستان کي ”ناڪام رياست“ قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان کي ايتري اهميت ڇو ڏيون، اها هڪ ناڪام رياست آهي جتي تمام خراب شيون هونديون آهن. جنهن تي پاڪستان ادارا ماڊل عروه حسين پاڪستان جي مخالفت برداشت نه ڪري سگهي ۽ هن سوارا ڀاسڪر کي آئنو ڏيکاريندي چيو ته 2015 ۾ توهان پاڪستان کي بهترين ملڪ قرار ڏنيدي چيو ته هو ته مان اڄ تائين جتي وئي آهيان پاڪستان انهن سڀني کان بهتر آهي، هتان جا ماڻهو بهترين مهمان نواز ۽ وڏي دل وارا آهن.  ان سان گڏوگڏ ئي عروا حسين سوارا کي ڀارت جو اصلي روپ ڏيکاريندي چيو ته توهان ان ملڪ سان واسطو رکو ٿيون جنهن پنهنجي ئي فلم”پدماوت“ تي پابندي هنئي هئي، توهان عورتن جي حقن جو ڳاليهون ڪريون ٿيون، اڄ کان پوءِ توهان عورتن جي حقن جون ڳالهيون نه ڪجو. عروا حسين وڌيڪ چيو ته پاڪستان ناڪام رياست ناهي، پر توهان لازمي هڪ ڪمزور ۽ ناڪام انسان آهيو. يا د رهي ته ٻه ڏينهن اڳ ريليز ٿيل فلم”وير دي ويڊنگ“ تي غيراخلاقي مواد ۽ بولڊ ڊئلاگن سبب پاڪستان ۾ نمائش تي پابندي لڳائي وئي آهي، فلم ۾ ادڪارا ڪرينا ڪپور خان، سونم ڪپور، سوارا ڀاسڪر، شيکا تلسانيا ۽ سوميت وياس مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The film debates on the film 'thugs of hindostan' at the beginning of the role of Amitabh Bachchan

فلم ٺگز آف هندوستان ۾اميتاڀ بچن جي ڪردار جي پهرين جهلڪ جاري

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي ايندڙ وڏي بجيٽ واري فلم” ٺگز آف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے