25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

بلوچستان جي نگران وڏي وزير جو معاملو پارلياماني ڪميٽي ۾ وڃڻ جو امڪان

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) ڪوئيٽا ۾ به نگران وڏي وزير جي نالي تي اتفاق نه ٿي سگهيو، جڏهن ته معاملو پارلياماني ڪميٽي ۾ وڃڻ جو امڪان آهي. بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجي ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ عبدالرحيم زيارتوال وچ ۾ پنج ملاقاتون ٿيون جنهن جو نتيجو نه نڪري سگهيو. نگران وڏي وزير لاءِ حڪومت طرفان 4 ۽ مخالف ڌر طرفان 3 نالا پيش ڪيا ويا. وڏي وزير پرنس احمد، علاوالدين مري، ڪامران مرتضيٰ، حسين بخش بنگلزئي جڏهن ته مخالف ڌر طرفان اشرف جهانگير، اسلم ڀوتاڻي، علي احمد ڪرد جا نالا پيش ڪيا. مير عبدالقدوس بزنجي ۽ عبدالرحيم زيارتوال ۾ پنجين ملاقات گذريل رات ٿي جنهن جو نتيجو نه نڪري سگهيو. وڏي وزير ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ هڪ هڪ نالا تجويز ڪيو. نگران وڏي وزير جي نالي تي اتفاق لاءِ عبدالقدوس بزنجي ۽ عبدالرحيم زيارتوال ۾ اڄ ڇهين ملاقات جو امڪان آهي جيڪڏهن نگران وڏي وزير جي نالي تي اتفاق نه ٿيو ته معاملو پارلياماني ڪميٽي ۾ هليو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت مني بجيٽ نه پر مني ڊرامو پيش ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته حڪومت مني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے