21 جمعو , سيپٽمبر 2018

برطانيا جي ستين راڻي

سنڌيڪار: زاهد ميراڻي

ملڪه وڪٽوريه،  20  جون 1873ع ۾ برطانيا جي راڻي ٿي ۽ 22- جنوريءَ 1901ع تائيم ملڪه رهي، انهيءَ حوالي سان راڻي وڪٽوريه برطانيا  جي تاج جي ڊگهي کان ڊگهي عرصي تائين ”راڻي “ رهي. هوءَ 63- سال ۽ 7- مهينا برطانيا جي اقتدار ۾ رهي.

راڻي وڪٽوريه جي دور ۾ حقيقتن سندس راڄ تان سج ئي نه لهندو هو، دنيا ۾ سج جو پهريون ڪرڻو نيوزيلينڊ جي سرزمين تي پوندو آهي ۽ نيوزيلينڊ برطانيا جي راڄ جو حصو هو، سج جيئن جيئن نيوزيلينڊ جي سرزمين کان اڳتي وڌندو ويندو هو تيئين تيئن ايندڙ ملڪن ۽ سرزمينن تي يونين جيڪ جو جهنڊو ڦڙڪندو رهندو هو. سج جيئن جيئن پنهنجيون اکيون بند ڪندو هو ته نيوزيلينڊ ۾ ڏينهن جي شروعات ٿي ويندي هُئي، اهڙي نموني راڻي وڪٽوريه جي راڄ تان  سج ڪڏهن به نه لهندو هو.

“ راڻي وڪٽوريه” دنيا کي ڪيئي نيون روايتون ۽ نيون شيون به ڏنيون جيڪي اڄ تائين ۾ موجود آهن، مثال طور تي دنيا ۾ اڄ به وڪٽورين طرز تي ٺهيل عمارتون، ۽ وڪٽورين طرز تي ٺهيل فرنيچر اڄ به مشهور آهي

” راڻي“  وڪٽوريه جنهن نموني جي بگي استعمال ڪندي هُئي اها بگي به بعد ۾ سلطنت ۾ عوامي سواري بڻي ۽ ” وڪٽوريه“  بگي سڏي وئي. برطانيا ۾ اڄ به بهادريءَ جي سڀ کان وڏي اعزاز کي ”وڪٽوريه“ڪراس چيو ويندو آهي. جڏهن ته دنيا ۾ پروٽوڪول جي جديد نظام کي پڻ ملڪه ” برطانيا جي راڻي وڪٽوريا“ متعارف ڪرايو، راڻي وڪٽوريه سڄي برطانيا ۾ وي آءِ پي ۽ وي وي آءِ پي ماڻهن جون درجا بنديون ڪرايون ۽ سڄي ملڪ ۾ انهن ماڻهن کي انهن درجن مطابق شاهي دعوتن ۾ گهرايو ويندو هو. انگريزن جي دور ۾ تعلقي سطح تائين ڪرسي نشين ۽ سفيد پوش ماڻهن جا عهدا هوندا هُئا، ڪنهن به تعلقي ۾ ڪرسي نشينيءَ جو اعزاز ان ماڻهوءَ کي ملندو هو جيڪو انگريز کي گهوڙا ڏيندو هو، انگريز لاءِ مخبري ڪندو هو، ۽ انگريز کي فوجي ڏيندو هو، ڪرسي نشين کي سرڪاري دفترن ۾ سرڪاري آفيسرن آڏو ڪرسيءَ تي ويهڻ جي اجازت هوندي هُئي، باقي ماڻهو زمين تي ويهندا هُئا يا وڌ ۾ وڌ انگريز آفيسر جي سامهون بيٺا هوندا هُئا.

جڏهن ته سفيد پوش اهي معزز ماڻهو هوندا هُئا، جن کي سرڪار، وفادارين عيوض هر سال ٻه اڇا وڳا پهرڻ لاءِ ڏيندي هُئي ۽ اهي ماڻهو، سرڪار جا مليل اهڙا اڇا ڪپڙا پئي سرڪاري دفترن ۾ ويندا هُئا.سرڪاري پروٽوڪول سفيد پوشن ۽ ڪرسي نشينن کان شروع ٿيندو هو ۽ ملڪه تائين ويندو هو، انهيءَ دور ۾ سرڪار ڪمبڙ دار، ڪانسٽيبل ۽ پٽواريءَ کان شروع ٿيندي هُئي ۽ وائسراءِ تائين ويندي هُئي، اهي وائسراءِ ملڪه جا گورا غلام هوندا هُئا، انهن ماڻهن کي ڪهڙا ڪهڙا پروٽوڪول مليل هوندا هئا، انهن جا تفصيل هڪ ”بلو بوڪ“ ۾ درج هوندا هُئا ۽ اهو ”بلو بوڪ“ڊپٽي ڪمشنر جي قبضي ۾ هوندو هو جنهن کي ٻيو ڪوبه ماڻهو هٿ لائي نه سگهندو هو. ڊپٽي ڪمشنر تيستائين چارج نه ڇڏيندو هو جيستائين هو ” بلو بوڪ“ ايندڙ ڊپٽي ڪمشنر جي حوالي نه ٿو ڪري، ملڪ جو هڪ حڪم سلطنت جي بلو بوڪ کي تبديل ڪري ڇڏيندو هو، ملڪ جا سمورا ذليل معزز ماڻهو ٿي ويندا هُئا ۽ سموران معزز ماڻهو ذليل ٿي ويندا هُئا.

 

” راڻي “  وڪٽوريا،  جون 1887ع ۾ پنهنجي تاج پوشيءَ جي گولڊن جوبلي ملهائي، گولڊن جوبليءَ جون تقريبون سڄي سلطنت ۾ ملهايون ويون، انهن تقريبن ۾ ٻه اهم شيون شامل هيون، هڪ ته راڻيءَ انهي موقعي تي پنهنجي سڄي سلطنت ۾ پنهنجي نالي جا ڪيئي يادگار جوڙايا، انهن يادگيرين مان هڪ يادگيري ڪراچيءَ ۾ ايمپريس مارڪيٽ جي نالي سان جوڙيل آهي، ۽ ٻيو ته ملڪه جي نالي سان لنڊن کان هندستان تائين هڪ جوبلي مشعل جو جلوس ڪڍيو ويو جنهن راڻيءَ جي سڄي سلطنت ۾ چڪر هنيو، اها مشعل دنيا جي مختلف ملڪن کان ٿيندي هندستان پهتي. هندستان ۾ جڏهن اها مشعل هڪ ڳوٺ ۾ پهچي ٿي ته ڳوٺ جا ماڻهو دهل ۽ شرنايون وڄائي ان مشعل جي ڀليڪار ڪن ٿا ۽ خوشيءَ ۾ ناچ گانا ڳائيندا هُيا ۽ اهڙي نموني اها مشعل سڄي ضلعي ۾ پنهنجو سفر مڪمل ڪندي هُئي جنهن بعد ٻئي ضلعي جي سرحد تي پهچي انهيءَ ضلعي جو ڪمشنر اها مشعل ٻئي ضلعي جي ڪمشنر کي ڏيندو هو اهڙي نموني اها مشعل پنهنجو سفر طئي ڪندي هُئي. ۽ ائين مشعل جو ايندڙ سفر شروع ٿيندو هو.

اها مشعل جڏهن هندستان جي ٻين علائقن کان ٿيندي ان وقت جي پنجاب پهتي ته پنجاب حڪومت مشعل جي مان ۾ هڪ ڊگهو گيت تيار ڪرايو جنهن جو نالو جوبلي رکيو ويو، اهو گانو قصور جي ٻن ڀائرن تيار ڪيو هو جيڪي اڻ پڙهه هيا، انهن کي جوبلي چوڻ ڏکيو لڳندو هو تنهنڪري انهن ” جوبلي“  جي جاءِ تي ” جگني“  جي لفظ جو استعمال ڪيو. انهن نامعلوم ڀائرن جگنيءَ ۾ سڄي پنجاب جي ثقافتي رنگ وکيري ڇڏيا.

”جنگي وئي ملتان“، يعني جگني ملتان وئي…، ۽

جگني وئي گهرات” … يعني “ جگني ملتان وئي،.

برطانيا جي راڻيءَ کي مئي اڄ 113 سال ٿي ويا آهن، پر اڄ به پاڪستاني پنجاب ۽ هندستاني پنجاب ۾ انگريزن جي اها ” جنگي“ موجود آهي ۽ ڳائي ويندي آهي.

راڻي وڪٽوريا جي مرڻ کانپوءِ سندس سلطنت به مٺ ۾ بند واريءَ جي زرن وانگر وکرجي وئي ۽ آهستي آهستي سوڙهي ٿيندي ٿيندي اچي برطانيا تائين محدود ٿي وئي.

هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته دنيا جي ايڏي وڏي سلطنت آخر ڪيئن ختم ٿي وئي، اهو برطانيا ملڪه جنهن جي سلطنت جي 68 ملڪن تان سج ڪڏهن لهندو ئي نه هو ۽ جنهن جي مشعل سڄي دنيا ۾ گهمائي وئي هُئي، اهو برطانيا  هاڻي صرف 2 لک، 43 هزار 6 سو 10 چورس ڪلوميٽرن تائين سوڙهو ڪيئن ٿي ويو، برطانيا جي اهڙي زوال جي ٻين ڪيئي سببن مان انگريزن جو ” بلو بوڪ“ ۽ ” پروٽول“ به هڪ سبب هو. گورن انسانن کي ”مرتبن“جي ٽڪٽڪين تي چاڙهي ڇڏيو هو پروٽوڪول ۽ لقب جيڪي بادشاهه ۽ راڻيءَ کان شروع ٿيندا هُئا ۽ هيٺ وائسراءِ کان ٿيندي ڪائونسل تائين ويندا هُئا، انگريز جا ڏنل لقب ۽ سندون مقدم سمجهيون وينديون هيون، اهي جنهن ماڻهو کي وفادار ۽ محب الوطن چوندا هُئا اهو ئي وفادار ۽ مطب وطن هوندو هو ۽ جنهن ماڻهوءَ کي غدار چوندا هُئا اهو غدار ٿي ويندو هو، باقي سڀ ماڻهو مشڪوڪ سمجهيا ويندا هئا ۽ انهن کي ڪنهن به وقت گرفتار ڪري انهن کي گولي هڻي سگهبي هُئي. ان وقت هندستان ۾ سرڪاري ظلم جي صورت اها هئي جو برگيڊيئر ڊائر 13- اپريل 1919 تي امرتسر ۾ جليانواله باغ ۾ گولي هلائي 370 ماڻهن کي قتل ڪري ڇڏيو هو ۽ ڪوئي به ماڻهو ان جو هٿ روڪي نه سگهيو.  ڇو جو جنرل ڊائر وٽ “ راڻيءَ“ طرفان عنايت ڪيل اهڙا اختيار هيا، جن تحت هو گولي هلائي پئي سگهيو، تنهنڪري جنرل ڊائر پنهنجا اختيار استعمال ڪيا ۽ موٽ ۾ کيس ڪجهه به نه چيو ويو، عوام جي رد عمل ۽ ڪاوڙ جي ڪري فقط سزا طور تي کيس لنڊن واپس طلب ڪيو ويو.

هي اهڙا اختيار ۽ پروٽول هيا جن برطانيا  جي نه عظيم سلطنت جنهن جي ختم ٿيڻ ۽ ان جي سج لهڻ جو ڪو امڪان ئي نه هو ان کي ختم ڪري ڇڏيو.

برطانيا انهيءَ وڏي ۽ خوفناڪ تاريخي سانحي کانپوءِ چار وڏا فيصلا ڪيا، جن مان پهرين نبمر تي برطانيا “ پروٽوڪول” جو نظام ختم ڪيو، ٻيو برطانيا جي ماڻهن جي درجا بندي ختم ڪئي، ٽيون اڄ برطانيا ۾ شاهي خاندان ته موجود آهي پر پنهنجي شاهي محل تائين، يعني جهڙوڪر برطانيا جي سياسي نظام مان شهنشاهيت ختم ٿي وئي جيڪا هاڻي فقط نمائشي وڃي رهي آهي، چوٿون اڄ برطانيا ۾ شاهي خاندان ۽ عام ماڻهن وچ ۾ ڪوبه فرق نه رهيو آهي، اڄ عام ماڻهن کي به رستي تي بيهاري سندس چالان ڪٽيو وڃي ٿو ۽ شاهي خاندان جو به چالان ڪٽيو وڃي ٿو، چالان بعد عام ماڻهن کي به عدالت ۾ پيش ٿيڻو پوي ٿو ۽ شاهي خاندان جي ماڻهن کي به عدالت ۾ پيش ٿيڻو پوي ٿو.

وزير اعظم ۽ وزير به عام ماڻهن وانگر روڊن ۽ رستن تي گهمن ٿا، عام بسن ۽ ڙيلن ۾ سفر ڪن ٿا ۽ عام جهازن جي اڪانوي ڪلاسن ۾ سفر ڪن ٿا. برطانيا جو وزير اعظم گذريل 252 سالن کان ٽن ڪمرن جي بيڊ رومز جي گهر 10- ڊائونگ اسٽريٽ ۾ رهندو آهي، 282 – سالن کان برطانيا جي  ڪنهن به وزير اعظم کي ڪا وڏي رهائش گاهه نصيب نه ٿي. شاهي خاندان وٽ ڪيترائي محل آهن ۽ هر محل ۾ هزار هزار ايڪڙن جا باغ ۽ باغيچا آهن، اڳتي هلي اهي سمورا باغ عوامي پارڪن ۾ تبديل ڪيا ويا، اسي سيڪڙو محل اڄ ميوزم  ۾ تبديل ڪيا ويا آهن ۽ هزارين سياح روزانو اچي انهن محلن جو سير ڪندا آهن. ملڪ ۾ آرمي چيف هُجي، پوليس چيف هُجي يا چيف جسٽس هُجي ڪنهن کي به پروٽوڪول حاصل ناهي، اهي ماڻهو پنهنجن دفترن ٻاهر عام ماڻهو آهن،

جڏهن ته ٻيو معاملو قانون جي حڪمراني هو، برطانيا ۾ ڪوبه ماڻهو قانون کان وڌيڪ طاقتور ۽ مٿي نه آهي، ٽيون فيصلو جمهوريت جو هو، جنهن تحت ملڪ جا سمورا اختيار عوام طرفان ڏنل هوندا آهن جيڪي هو ڪنهن پارٽيءَ کي مينڊينٽ ڏئي ڏيندو آهي ۽ ڪنهن به ماڻهوءَ يا عهديدار کي اهو مينڊينٽ چوري ڪرڻ جو حق ناهي، ملڪ ۾ ڪوڙا ووٽ يا ڌانڌلي جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي.

برطانيا ۾ گذريل سالن دوران چونڊن ۾ ڌانڌلين جو ڪو به الزام آڏو نه آيو آهي، چوٿون ۽ آخري فيصلو اڳواڻ جو هو، برطانيا جا ماڻهو فقط ان ماڻهوءَ کي حڪمرانيءَ جو حق ڏيندا آهن جيڪو ذهني، تعليمي، اخلاقي ۽ ذهني لحاظ کان شاندر هوندو آهي. انهن کي ڪنهن به سياستدان تي انا، ضد، هٽ ڌرمي، يا نقل، ڪوڙي ڊگري يا بي ايمانيءَ. چوري ٽيڪس، ڪوڙ يا ڪنهن وڏي بيماريءَ جو الزام لڳي وڃي ته ان جو سياسي ڪيريئر ختم ٿي ويندو آهي، ۽ اهو سياستدان هميشه لاءِ ايوان مان فارغ ٿي يوندو آهي.

هي اهي چار فيصلا آهن جن ڪري تاج برطانيا صرف برطانوي بڻجڻ باوجود دنيا جي پنجين وڏي طاقت آهي ۽ سڄي دنيا جا حڪمران برطانيا جي ملڪه ۽ وزير اعظم سان هٿ ملائڻ تي فخر محسوس ڪندا آهن، مون اڪثر ڪري پنهنجي ملڪ جي وزير اعظم کي 10- ڊائونگ اسٽريٽ ٻاهران انتظار ڪندي بيٺل ڏٺو آهي. برطانيا جي وزير اعظم 10- ڊائونگ اسٽريٽ واري پنهنجي گهر مان ٻاهر نڪري سندن آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ کين گهر اندر وٺي ويو، ڇااسان جي وزير اعظم ان مان ڪجهه سکيو آهي؟ ، منهنجي خيال ۾ ته بلڪل به نه، اسان جي حڪمرانن اڄ تائين انهن منظرن مان ڪجهه به نه سکيو آهي جيڪڏهن هو انهن منظرن مان ڪجهه سکن ها ته اڄ ملڪ جي هيءَ حالت نه هُجي ها.اسان جي حڪمران اڄ به جگنيءَ جي انهيءَ پروٽوڪول مان ٻاهر نه نڪتا آهن، اسان جي ملڪ ۾ اڄ به ڪرسي نشين ۽ سفيد پوش موجود آهن ۽ سڄي رياست انهن کي سلوٽ ڪري ٿي، هي ماڻهو جيستائين اسان جي حڪومتي نظام جو حصو رهندا تيستائين اسان زوال جي عذاب مان ٻاهر نڪري نه سگهنداسين. منهنجي دعوى آهي ته جيستائين اسان جو وزير اعظم 10- ڊائونگ اسٽريٽ جهڙي گهر ۾ منتقل نه ٿو ٿئي ۽ پنهنجي هٿ سان دروازو نه ٿو کولي تيستائين اسان ان جگنيءَ جي دور ۾ گذاريندا رهنداسين. ۽ اسان تي ان وقت تائين انهيءَ بلو بوڪ جي حڪومت رهنداسين،  جنهن برطانيا جهڙي سلطنت کي تباهه ۽ برباد ڪيو.  *

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنيهو سچ جو منور علي منور ڪيهر جي شاعريءَ جي ڪتاب جو تعارف:ايل بي سولنگي

منور علي منور ڪيهر جو تعلق لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ آگاڻيءَ سان آهي. آگاڻي جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے