24 سومر , سيپٽمبر 2018

25 جولاءِ تي ٿيندڙ چونڊون

الطاف پير زادو

ملڪ اندر قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جو پنجن سالن وارو آئيني مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ عام چونڊون 25 جولاءِ 2018ع تي طئي ٿي چڪيون آهن، صدر اليڪشن ڪميشن جي موڪليل سمري منظور ڪندي 25 جولاءِ تي عام چونڊون ڪرائڻ جي منظوري ڏئي چڪو آهي. چونڊيل  حڪومتن ۽ اسيمبلين جو آئيني مدو پورو ٿيڻ ۽ آئيني طريقيڪار تحت نين چونڊن جو اعلان  هڪ اهڙي ملڪ جي عوام لاءِ يقيني طور ڪنهن خوشخبريءَ کان گهٽ ناهي، جتي جمهوريت هميشه لوڏن ۾ رهي آهي ۽ اُن جو مستقبل ٽياس تي ٽنگيل رهيو آهي.

2008ع  جي عام چونڊن ذريعي ملڪ اندر جيڪو جمهوري سرشتو عمل ۾ آيو  هو، سو وقت گذرڻ سان مضبوطيءَ ڏانهن وکون وڌائيندي نظر اچي رهيو آهي. 2008ع ۾ قائم ٿيل چونڊيل حڪومت 2013ع ۾ پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندي، اقتدار هڪ ٻي چونڊيل حڪومت کي پر امن نموني منتقل ڪري هڪ تاريخ رقم ڪئي  هئي، ڇو جو اُن کان اڳ ملڪ اندر اهڙو ڪو مثال موجود ڪونهي. اهڙي طرح 2013ع ۾ قائم ٿيل سرڪار پنهنجو آئيني مدو 31 مئي 2018 تي رات جو ٻارهين وڳي پورو ڪري اليڪشن جي عمل ۾ هلي وئي آهي. سو چوڻ جو مطلب ته 25 جولاءِ تي رٿيل عام چونڊون  ٿيڻ سان ملڪي تاريخ ۾ هي ٻيو مثال هوندو، جو هڪ چونڊيل  حڪومتون پنهنجو آئيني مدو پورو ڪري اقتدار چونڊن ۾ اڪثريت حاصل ڪندڙ جماعت حوالي ڪندي.

گذريل ڏهن سالن جي جمهوري سفر ۽ پاڪستان ۾ ڏهاڪن جا ڏهاڪا قائم رهيل اڻ چونڊيل حڪومتن جي ڀيٽ ۾ جمهوريت مڪمل نه به سَهي پر  گهڻو ڪجهه ملڪ کي ڏنو. ارڙهين آئيني ترميم ذريعي صوبن کي محدود ئي سهي پرصوبائي خودمختياري ضرور پلئه پئي، انهن کي وڌيڪ اختيار نصيب ٿيا ۽ وسيلن ۾ حصو به وڌيو، اها خودمختياري جنهن جو واعدو  1973ع واري آئين ۾ ڪيو ويو هو پر جيڪا ڪنڪرنٽ لسٽ ڏهن سالن کانپوءِ يعني 1983ع ۾ ختم ٿيڻي هڻي، تنهن جي خاتمي جو صوبا انتظار ئي ڪندا رهيا، مطالبو ئي ڪندا رهيا، نه رڳو ايترو پر گلگت، بلتستان کي حقن جي فراهمي هجي يا سرحد صوبي کي خيبرپختونخواهه جو نالو يا وري ويجهڙ ئي فاٽا کي خيبرپختونخواهه جو حصو بڻائڻ اهي سڀ ڪاميابيون جمهوري دور ۾ ئي ملڪ کي ۽ ملڪ جي ماڻهن کي نصيب ٿيون آهن.

25 جولاءِ 2018ع تي قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي چونڊ  هڪ ڏينهن ٿي رهي آهي، قومي اسيمبليءَ جي مجموعي طور 272 جنرل سيٽن تي چونڊ ٿيندي، پنجاب اسيمبليءَ جي 297 جنرل، سنڌ جي 130 جنرل، خيبرپختونخواهه جي 99 جنرل ۽بلوچستان جي 51 جنرل سيٽن تي چونڊ ٿيندي. قومي اسيمبليءَ جي مجموعي  272 جنرل سيٽن مان پنجاب، 141، سنڌ61، خيبرپختونخواهه جون39 ۽ بلوچستان جون 16 جنرل سيٽون شامل آهن، جنرل سيٽن جي تناسب سان ئي عورتن ۽ اقليتن جون سيٽون به مخصوص  ٿيل آهن، ايئن ئي صوبائي اسيمبلين ۾ به عورتن ۽ اقليتن جون سيٽون مخصوص ٿيل آهن.

2013ع جي عام چونڊن ۾ پاڪستان مسلم ليگ نواز سڄي ملڪ مان ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت حاصل ڪري حڪومت قائم ڪئي هئي. 2008ع وارين عام چونڊن جي نتيجي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي اڪثريتي پارٽي طور سامهون  آئي هئي، جنهن شروع  ۾ نواز ليگ ۽ بعد ۾ ايم ڪيو ايم، قائداعظم ليگ، جمعيت العلماءَ اسلام فضل الرحمان ۽ عوامي نيشنل پارٽي سان گڏجي گڏيل حڪومت ڪئي هئي،  جيڪا لوڏن ۽ بحرانن ۾ ئي رهي، پ پ سرڪار دوران نواز ليگ مخالف ڌر جي مکيه جماعت هئي، جنهن 2013ع وارين عام چونڊن جي مهم ۾ لوڊشيڊنگ تي ڪنٽرول ۽ توانائي بحران تي خاتمي ۾ ناڪامي واري اشو کي اڀاريو ۽ ڪاميابي ماڻي. نه رڳو ايترو پر عوام سان واعدو ڪيو ويو هو ته نواز ليگ اقتدار ۾ آئي ته بجلي جو بحران  ختم  ڪندي.  لوڊشيڊنگ جو خاتمو آندو ويندو پر اڄ جڏهن اها پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندي، چونڊن ۾ وڃي رهي آهي. تڏهن ملڪ بلڪل اهڙي ئي توانائي بحران کي جنم ڏئي رهيو آهي، جهڙو بحران پ پ سرڪار وارن ڏينهن ۾ هو، سو چئي سگهجي ٿو ته گذريل چونڊن وانگر يقينن عام چونڊن ۾ به لوڊشيڊنگ ۽ بجلي بحران ته چونڊيل مهم ۾ سياسي جماعت جي ٻرندڙ مسئلا ۽ نعرا هوندا ئي هوندا. گڏوگڏ ڪرپشن جو اشو به اهم اشو  هوندو، ڇو جو پاڪستان تحريڪ انصاف جنهن کي عام چونڊن ۾ سڄي ملڪ مان گهڻيون سيٽون ماڻڻ جي اميد آهي، تنهن ڪرپشن خلاف 2014 کان لاڳيتو رابطا مهم هلائي ۽ پوين  ڏهن سالن جي  ٻنهي اقتداري جماعتن يعني پاڪستان مسلم ليگ نواز ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي کي شديد تنقيد جو نشانو بڻائي رهي آهي.  نواز ليگ، ميان محمد نوازشريف جي وزارت عظميٰ  تان هٽڻ صادق ۽ امين نه هئڻ واري آئيني شقن جي وڪڙ ۾ اچڻ کانپوءِ ۽ سڄي عمر لاءِ نااهل ٿيڻ ڪري شديد دٻاءَ ۾ آهي. پاڪستان پيپلزپارٽي لاءِ چون ٿا ته پنجاب ۾ ڪا سازگار صورتحال ناهي. جڏهن ته تحريڪ انصاف جي صورتحال اُن ڪري پ پ ۽ نواز ليگ کان مختلف آهي جو اُن کي وفاق ۾ حڪومت جو موقعو ناهي مليو ۽ ٻيو ته چونڊن کانپوءِ اها ڇا ڪندي. سو به 100 ڏينهن جو  پروگرام پورو ڪري رهي آهي.

پنجاب نواز ليگ جو ڳڙهه رهيو آهي ۽  تحريڪ انصاف جو جنم به پنجاب ۾ ئي ٿيو آهي. ٻيو ته قومي  اسيمبليءَ ۾ رڳو پنجاب جون سيٽون ئي ڏسجن ته اهي باقي ٽنهي صوبن جي سيٽن کان وڌيڪ آهن، پنجاب جون قومي  اسيمبليءَ جون 141 سيٽون آهن،  جڏهن ته باقي ٽنهي صوبن جون ٽوٽل قومي اسيمبلي جون 116 سيٽون آهن، ( سنڌ 61، خيبرپختونخواهه 39 ۽ بلوچستان 16 ) سو نواز ليگ جي پوري پوري ڪوشش آهي ته اها پنهنجو تڪ يعني پنجاب بچائي، جڏهن ته تحريڪ انصاف جو سمورو فوڪس به پنجاب مان وڌ ۾ وڌ سيٽون حاصل ڪرڻ تي آهي. ڇو جو  ٻنهي جماعتن جو خيال آهي ته جيتريون وڌيڪ سيٽون پنجاب مان حاصل ڪندا، وفاقي اقتدار جي اوترو ئي ويجهو ٿيندا.

پيپلزپارٽي جيڪا پراڻي جماعت اهي، اقتداري ۽ پارلياماني سياست جو وسيع تجربو رکي ٿي، تنهن جو سڄو فوڪس  پنهنجي تڪ يعني سنڌ  تي آهي، پ پ جنهن کي تازو مدو پورو ڪندڙ قومي اسيمبليءَ ۾ سنڌ جي قومي اسيمبليءَ جي 61 سيٽن مان 35 سيٽون حاصل هيون، تنهن جي پوري پوري ڪوشش آهي ته اها سنڌ مان وڌ ۾ وڌ قومي اسيمبليءَ جون سيٽون کڻي. بااثرن کي پارٽيءَ ۾ شامل ڪرڻ ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪمزور ٿيڻ کانپوءِ ڪراچي کي سياسي سرگرمين جو مرڪز بڻائڻ به پ پ جي اُن حڪمت عمليءَ جو حصو آهي. پ پ چاهي ٿي ته  سنڌ ۾ وڌ ۾ وڌ سيٽون حاصل ڪري، اُن کان پوءِ اُن جي نظر خيبرپختونخواهه جي 39سيٽن مان ۽ بلوچستان جي 16 سيٽن مان ڪجهه سيٽون  ڪڍڻ ۽ پنجاب ۾ بااثرن ۽ آزاد اميدوارن جي مدد سان 10 کان 15 سيٽون حاصل ڪري اقتداري راند جو مکيه رانديگر بڻجڻ تي آهي.

موجوده صورتحال ۾  چئي نٿو سگهجي ته اقتداري اُٺ ڪهڙي پاسي جهڪندو پر هڪ شئي واضح آهي ته نواز ليگ ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڀيٽ ۾  پ پ جي اوليت پنجاب جي ڀيٽ ۾ سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ليلا خالد: تاريخ جو بهادر ڪردار:حميده گهانگهرو

اها چوڻي مشهور آهي ته عورت نفيس، نازڪ، ڪمزور دل ۽ هيڻي هوندي آهي، اهو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے