19 اربع , سيپٽمبر 2018

سنڌ يونائيٽڊ پارٽي اڳواڻ سيد زين شاهه سان ڳالهيون

انٽرويو: اسد ممتاز رڏ -رپورٽ : عبدالله گاد

 سوال: شاهه صاحب  جيڏهن اوهان کان پڇجي  ته سيد زين شاهه وٽ ،  زين شاهه جو ڪهڙو تصور آهي؟

جواب: زين شاهه سنڌ جو متحرڪ قومي ورڪر آهي جنهن پنهنجي زندگي سنڌ جي خوشحالي ۽ ان جي تحفظ لاءِ وقف ڪري چڪو آهي، هاڻِ صرف هن کي ان رستي تي هلڻو آهي، باقي ڪجهه نه آهي.

 

سوال: توهان وٽ سائين جي ايم جو ڪهڙو تصور آهي؟

جواب: سائين جي ايم سيد هڪ اهڙي قدآور شخصيت آهي ، جنهن سڄي دنيا لاءِ سوچيو ۽  پنهنجي ماڻهن لاءِ عملي رستو اختيار ڪيو  .انهيء لاءِ پنهنجي ڪردار جو تعين ڪري. سڀني لاءِ قرباني جو مجسم بڻيو . هڪ وڏو عالم، داناءُ به آهي.

 

سوال: توهان وٽ جي ايم سيد هڪ مفڪر . هڪ سياست دان آهي يا هڪ ليکڪ آهي؟

جواب: سائين جي ايم سيد هڪ مفڪر ته آهي اها هڪ مڃيل حقيقت آهي. جيڪڏهن سياست نه ڪري ها ته سياست کي ماڻهو گند سمجهن ها جيڪو اڄ ڪلهه به سمجهن ٿا.هو هڪ Idealist   نظرياتي هو.

 

سوال: زين شاهه سياست ۾ ڇو؟

جواب: مان بنيادي طور انجينيئر آهيان. منهنجي بابا جي به اها خواهش هئي ته مان انجينيئر ٿيان. پوءِ مون 5 سال نوڪري ڪئي. جيئن ته شاگرد سياست ۾ به هيس ته مون سمجهيو ته  منهنجي جي  جيتري به  زندگي آهي سا بنيادي سياسي تبديلي لاءِ ڪوشش ڪندي گذاريان  .

 

سوال: توهان سياست جي شروعات سائين جي ايم سيد جي نظرياتي پوئلگي سان ڪئي . ڪجهه عرصو جساف ۾ ان کان پوءِ پارٽي جي Mother wing ۾ ڪم ڪيو، پوءِ اوهان جسم ٺاهي ۽ هاڻي ايس يو پي ۾  آهيو. ان سموري وهنوار  ايس يو پي ۾ اچڻ جو ڪو خاص مقصد؟

جواب: ان جو سبب اهو نه هيو ته ( جيئي سنڌ جي سياست ) ڪمزور آهي.2007 ۾ ايس يو پي ۾ شموليت ڪئي. ٺهڻ وقت مان ايس يو پي سان گڏ نه هيس. هن پارٽي ۾ اچڻ جو مقصد مختلف حالتن، حقيقت پسندي جي طرف ويا سون ته پنهنجي قوم کي ڪٿان رهنمائي ڪري مصيبتن مان ڪڍي اڳتي وٺي سگهجي ٿو. ان ڪري اهو بهتر سمجهيو ته ايس يو پي ۾ هليا آيا سون.

 

سوال: توهان ڇا ٿا سمجهو سنڌ جا جيڪي مسئلا آهن اهي طبقاتي آهن يا قومي آهن.؟

جواب: پاڪستان جي اندر هڪ ته سنڌ جا مسئلا وفاق سان آهن.پاڪستان نالي ۾ ته فيڊريشن آهي.  سنڌ جو تضاد وفاق سان قومي آهي. قومي بقا  جو آهي. مالڪي جو آهي. سنڌ جي وسيلن جو آهي.اهو سڀ قومي مسئلو آهي. سنڌ جي اندر جيڪو به موقعي پرست ۽ شاهوڪار ڪلاس، پيداگير سياست ڪري ٿو.جنهن جي ڪري اسان جي  ماڻهو تي غالب ٿئي ٿو .  ته اهو طبقاتي سوال به آهي ۽ مجموعي طور سنڌ جو قومي سوال به آهي.

 

سوال: توهان ڇا ٿا ته  ايس يو پي کي طبقاتي سياست سان گڏ قومي سياست به ڪرڻ گھرجي يا  هن وقت قومي مسئلو وڌيڪ اثرائتو آهي ته قومي سياست به ڪرڻ گھرجي؟

جواب: اسان جي سياست قومي سياست آهي. قومي غلبو، قومي غلامي ۽ قومي محرومي مان نڪرڻ جي آهي.باقي جيڪو طبقاتي سوال آهي اهو هن مهل کڻڻ قومي سياست کي دٻائڻ جي لاءِ هوندو . موقعي  پرستي اهو شاهوڪار به ڪري ٿو. سردار ڪري ٿو مير به ڪري ٿو ان ڪري پيداگير ورڪر به ڪري ٿو. ان لاءِ صحيح ۽ غلط ۾ فرق ڪرڻ جي ضرورت آهي.

 

سوال: توهان جيڪڏهن پڇيو وڃي ته سنڌ جا ٻرندڙ مسئلا ڪهڙا آهن ته ان جي نشاندهي ڪيئن ڪندئو؟

جواب: سنڌ جا ٻرندڙ مسئلا وقت به وقت تبديل ٿيندا رهن ٿا. هن وقت سنڌ جي جاگرافيائي تحفظ، سنڌي ٻولي جو نفاذ ملڪ اندر سنڌ جي وسيلن جي مالڪي. اهي جيڪڏهن اختيار ملن ته معاملن کي اڳتي وڌائي سگهجي ٿو. ان کان سواءِ سنڌ جي ڊيموگرافي ۽ سنڌ ۾ ڌارين جي آبادي سنڌ جا وڏا مسئلا آهن .

 

سوال : پاڪستان جيئن ته گھڻ قومي ملڪ آهي ته هتي جئين ته ٻين قومن جون تحريڪون هلن ٿيون ته توهان انهن تحريڪ جو حصو ٿيڻ يا انهن سان گڏ هلڻ خاص ڪري پي ٽي ايم جي حوالي سان توهان انهن تحريڪن کي ڪهڙي نظر سان ڏسو ٿا ؟؟

جواب : ان جو حصو ٿيڻ جي ته هن وقت ڪا تجويز ڪونهي ، پر هڪ نقطي تي هلي سگھجي ٿو اها گم ٿيل ماڻهن جي حوالي سان . باقي انهن جو چوڻ آهي ته انهن جا هزارين ماڻهون قتل ٿيا آهن ۽ ايترا ئي گم ٿيل آهن ، اسان جا ماڻهون به شهيد ٿيا آهن  گم ڪيا ويا آهن اُهي سون ۾ آهن  ۽ اهو سلسلو اڄ به جاري سو انهيءَ نقطي تي گڏ هلي سگھجي ٿو . باقي انهن جي تحريڪ پاڪستان ۾ به آهي ۽ پاڪستان کان ٻاهر  افغانستان ۾ به ته پوءَ شايد انهن سان اسان جو اتحاد نه ٿي سگھي پر هڪ نقطي تي ملي سگھجي ٿو .

 

سوال : شاهه صاحب توهان ۽ توهان جي پارٽي  ملڪ جي ڪنهن به حصي مان سياسي ۽ سماجي ڪارڪن جي کنڀي گم ڪرڻ واري عمل جي مذمت ڪريو ٿا ؟؟؟

جواب : يقينن ، جڏهن ملڪ آهي ته ان جو قانون آهي آئين آهي  ويندي مارشل لاءَ جي دورن  ۾ به قانون آهي ، lawlessness نه . جتي قانون هوندو اتي هر شهري جا حق موجود هوندا آهن ته اهو شهرين جو حق آهي ته انهن کي ۽ انهن جي وارثن کي ٻڌايو وڃي ته انهن ڇو کنيو ويو آهي انهن جو ڏوهه ڪهڙو آ ، جڏهن ڪنهن کي ماريو وڃي  ٿو ته خبر هجڻ گھرجي ته ڇو ماريو ويو ، انکي  ڌاڙيل سمجهي ماريو ويو ، سياسي ڪارڪن ڪري ماريو ويو يا آزادي جو ڪارڪن سمجھي ماريو يا وري ڪهڙو ماڻهو به هجي ان جي مارجڻ جا سبب ٻڌايا وڃن . ملڪ جي ٻين حصي جا شهري پوءَ پنجاب ، بلوجستان هجي يا ڪو ٻيو ته جيڪڏهن ماڻهن ملڪ جي آئين خلاف ڪو ڏوهه ڪري ٿو ته ان کي عدالتن ۾ سزا ڏني وڃي .

 

سوال : شاهه صاحب آخر ڪهڙو سبب آهي جو جڏهن ڪنهن سياسي ڪارڪن لاءَ رستا تنگ ڪيا ٿا وڃن ته اُهي پنهنجن پارٽين کي ڇڏي  ايس يو پي ۾  شموليت اختيار ڪن ٿا ۽ پوءَ  پاڻ کي محفوظ سمجهن ٿا؟؟؟

جواب : ٻن قسم جا ڪيس توهان کي ڏسڻ ۾ ايندا ، هڪڙا اُهي جيڪي پريس ڪانفرنس ڪري اعلان ڪندا ته اسان قومي ڌارا ۾ شامل ٿي ويا آهيون ، پاڪ فوج زندا آباد پاڪستان زندا آباد ۽ پوءَ اُهي سياست کي خيرباد چئي ويندا . ۽ ٻيا اُهي جيڪي انهي دٻاءَ کان پوءَ به وطن جي سياست ڪرڻ چاهين ٿا اُهي ايس يو پي ۾ اچن ٿا ۽ قومي سياست کي جاري رکن ٿا  . سو ناهي اسان وٽ جيڪو اچي ٿو سو پنهنجي قوم جي خودمختياري وارو سوال کڻي اسان جو ويجهو ٿئي ٿو  ۽ ٻيا جيڪي سياست کي خيرباد چون ٿا سي ڀڄي جان ڇڏائين ٿا .

 

سوال :  ڀلا  سياسي ڪارڪن ايس يو پي  ۾ ڇو شموليت اختيار ڪن ، ايس يو پي وٽ وطن لاءَ قوم جي خوشحالي لاءَ ڪهڙو پلان   آهي ؟؟؟؟

جواب : هن وقت غالب سياست ڀلي مرڪز پرستن وٽ هجي ۽ اسان جا بااثر ماڻهون مفاد پرستن ۽ موقعي پرستن جي سلامي واري سياست ڪن پر اُهي سڀ ماڻهون  جيڪي پنهنجي قومي خودمختياري ، وطن جي بقاءَ ، ٻولي جي بقاءَ ۽ حق حاڪميت جيڪا هزارن سالن جي آهي  اها حاصل ڪرڻ چاهين ٿا ته پوءَ سواءِ ايس يو پي جي ٻيو ڪو دڳ ئي ڪونهي .

 

سوال: زين شاهه وٽ پي پي جو تصور ڪهڙو آهي ؟؟

جواب : هڪ مفاد پرست ۽ پيداگير جماعت جيڪا اقتدار لاءِ هر قسم جي سوديبازي ڪرڻ لاءِ تيار هجي ، وطن کپائجي پر اقتدار حاصل ڪجي  ، هڪ مثالي Opportunist  موقع پرست . مون وٽ ان کان علاوه پي پي لاءَ ڪو ٻيو تصور ناهي .

 

سوال : شاهه صاحب 1988 ۾ توهان جو والد صاحب اليڪشن ۾ بيٺو ته پي پي ان جي مقابلي ۾ اميدوار ئي نه بيهاريو ، اُها ڪهڙي قربت هئي ؟؟؟؟

جواب : ان ۾ ڪا قربت ڪو نه  هئي ، هو بااثر هو ۽ ان وقت نوابشاهه ۽ نوشهرو هڪ ئي ضلعو هو 1987 جي مڪاني چونڊن ۾  منهنجي والد جو گروپ کٽي آيو هو ، ۽ ان جو مخالف  هو غلام مصطفي جتوئي . 1987 ۾ ضلع ڪوئنسل کٽي آيا ۽ 1988 ۾ جنرل اليڪشن هئي ته ان گروپ جو ليڊر هو منهنجو والد امداد محمد شاهه هو   ته پي پي انهن کي  پارٽي ۾ شموليت جي آڇ ڪئي پر هن انڪار ڪيو . گروپ جا ڪجهه ماڻهون پي پي ويا هئا ، امداد محمد شاهه آزاد جي حيثيٽ سان اليڪشن وڙهن جو فيصلو ڪيو ۽ هو کٽي آيو. پر پي پي مدد ڪانه ڪئي هئي ، الٽو منهنجي والد  پي پي جي مدد ڪئي . سو اها ڪا قربت ڪونه هئي .

 

سوال : هاڻوڪو وڏو وزير جڏهن ضمني چونڊن ۾ بيٺو ته پوءَ توهان پنهنجي اميدوار کي ان جي مقابلي ۾ Handupدسبردار ڪيو . ڀلا ان جي پويان ڪهڙو راز هو ؟؟؟؟

جواب : هڪ ته اسان جي رشتيداري به آهي ، پر هو انهيءَ ضمني چونڊن دوران ايس يو پي قيادت وٽ هلي آيو  . ڇو جو جنرل اليڪشن ۾ اسان سندس مخالفت ڪئي هئي ،  ۽ ان جي ان جي والد ۽ سندس پارٽي ذاتي حيثيت ۾ کوڙ ساريون ڪريل حرڪتون ڪيون ماڻهن کي تنگ ڪيون ، شاهه صاحب ان جي معزرت ڪئي . ذاتي رنجشون ختم ڪرڻ  جو چيائين .  سو سائين جلال محمود شاهه چيو ته اڱڻ تي هلي آيو آهي سو معاف ڪريو ٿا جي اڳتي سڌو هليو ته ٺيڪ آ نه ته اسان جا دڳ هونئن ئي الڳ آهن .

 

سوال : توهان جي رشتيداري ته شاهه محمد شاهه ۽ شيرازي سيدن سان به آهي ته پوءَ جيڪڏهن اُهي به اڱڻ تي  اچن ته پوءُ انهن جي سامهون به اميدوار نه بيهاربا ؟؟؟؟

جواب :  اهو ضروري ناهي ، مراد علي شاهه جي حوالي سان پارٽي فيصلو ڪيو جيڪو مون اوهان کي مختصر بيان ڪيو .  مسلم ليگ ۽ پي پي جي مجموعي سياست سنڌ دوست ناهي ،  سو وقت ۽ حالات کي نظر ۾ رکي ايس يو پي ان وقت اهو فيصلو ڪيو .

 

سوال : ايس يو پي،  جي ڊي اي جو حصو ٿيندي ؟؟؟

جواب : جي ڊي اي وارا اسان جا ويجھا اتحادي رهيا آهن . جي ڊي وٽ سياسي ايجنڊا ناهي ، باقي 2018 جي اليڪشن ۾  سيٽ ايڊجيسٽمينٽ ٿي سگھي ٿي .

 

سوال : زين شاهه فقط سڪرنڊ جي سياست تائين محدود ڇو آهي ؟؟

جواب: ٻهراڙين ۾ توهان جو ماڻهن سان تعلق انتهائي ويجھو هجڻ تمام ضروري آهي . شايد ٻين شهرن ۾ مان اهو برقرار نه رکي سگهان ها تنهن ڪري اُتي مقامي سياست کي وقت ڏيان پيو .

 

سوال : شاهه صاحب سنڌ اندر ٿيندڙ ترقي کي خاص ڪري ، بحريا ٽائون ، ذولفقار آباد ، ٿر ڪول . توهان هڪ سياسي اڳواڻ جي حثيث سان ڪئين ٿا ڏسون ؟؟

جواب : ڏسو ترقي اها آهي جيڪا اسان جي ماڻهن جي ترقي هجي  ترقي جنهن جا مالڪ اسان نه هجون  پر اها ترقي جيڪا اخباري اشتهار ۾ هجي اها ڪهڙي ترقي هوندي .

اسان  سعودي ۾ به مزدوري ڪيون ۽ اُتان جي تيل ڪمنين ۾ به هجون ڊائيور ۽ ٿر ۾ به اسان جو ڪم  اهو ئي هجي ته  پوءَ !

مان ويو آهيان ٿر ڪول ڏسي آيو آهيان ، ٿر ڪول جون اٺ Fields آهن جن مان ٻه آهن سنڌ سرڪار وٺ ڇهه غير سنڌين کي ڏنل آهن .

اُهي ترقي جا پروجيڪٽس مقامي ماڻهن کي ڪهڙو فائدو ٿا ڏين ؟؟

ڪراچي جيڪو پاڪستان ٺهڻ وقت دنيا جي بهترين شهرن مان سو هاڻ دنيا جي بدترين شهرن ۾ پيو ڳڻيو وڃي . جڏهن ته اسان ڳوٺن مان ڪراچي اچون ٿا ته ڪراچي بهتر ٿو لڳي ان مان اندازو ڪريو ته اسان جي ڳوٺن جو ڪهڙو حشر هوندو ! انهن ڳوٺن ۾  پاڻي پيئڻ لاءِ ڪونهي اتي  جو ماحول رهڻ جو ڪونهي .

اسان جو چوڻ آهي ته  بحريا ٽائون مقامي ماڻهن جي زمينن تي قبضي تي ٺهيل آ . بحريا ٽائون هجي يا ذولفقار آباد انهن پروجيڪٽس ۾ رهندو ڪير !  شاهوڪار ماڻهون رهندا يا وري  ٺٽي ۽ گھاري جا ماڻهون ؟؟

يهوديون بستيون ٺهيون هيون فلسطين ۾ دنيا جي شاهوڪار يهودين اچي خريد ڪيون هيون  .هاڻ اسان سان به ائين ئي ٿو ٿئي . اڄ جڏهن سنڌ جي ترقي ڏسي دنيا جا شاهوڪار ماڻهون خريد ڪرڻ اچڻ  ۽  اسان جي ماڻهن کي مڇي مارڻ جي به اجازت نه هجي ڇو جو ڪوسٽ گارڊ بيٺا آهن ، چائينز اچي ويا آهن هاڻ مڇي مارڻ جو حق به انهن کي آهي سو اها ترقي اسان جي ترقي ناهي  انڪري ترقي اها آهي جيڪا اسان جي ماڻهن جي ترقي هجي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنيهو سچ جو منور علي منور ڪيهر جي شاعريءَ جي ڪتاب جو تعارف:ايل بي سولنگي

منور علي منور ڪيهر جو تعلق لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ آگاڻيءَ سان آهي. آگاڻي جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے