23 آچر , سيپٽمبر 2018

پنجاب جون پهريون ناغي ۽ هاري تحريڪ جو هيرو شهيد دلا ڀٽي

انور عزيز چانڊيو

لاهور شهر ڀلي ڪيترو ئي زخيز ۽ مردم خيز هجي ”مياڻي صاحب“ قبرستان جهڙو زرخيز نٿو ٿي سگهي، مغلن جي دور ۾ شهر کان ٻاهر رکيل هي قبرستان اڄ شهر جي وچ ۾ اچي ويو آهي، هڪ اندازي موجب 149 ايڪڙن تي ٻڌل هن قبرستان ۾ ڪل ٽي لک قبرون آهن، هر سال تقريبن 10 هزار مڙهه هتي دفن آهن. تاريخي اعتبار کان مياڻي صاحب قبرستان لاهور کان 50 سال پراڻو آهي،  اچرج جي ڳالهه اها آهي ته اڄ کان 450 سال اڳ شهاب الدين غوري جي دور کان آباد هي شهر خموموجود هي قبرستان هر سال هزارين فوت ٿيندڙن کي پنهنجي هنج ۾ سمهاري نه ٿو ٿڪجي.

مياڻي صاحب ۾ ڪيتريون ئي نالي واريون شخصيتون دفن آهن. جن ۾ پنجاب جي پهريون باغي ۽ هاري تحريڪ جو هيرو ”شهيد دلا ڀٽي“ جي جنهن ديس جي غلامي قبول ڪرڻ بجاءِ طاقتور ترين دشمن سان مهاڏو اٽڪايو .

تاريخ ٻڌائي ٿي ته جيسلمير مان نڪتل ڀٽين جي هڪ خاندان مستقل رهائش لاءِ پنڊي ڀٽيان جي سر زمين جي چونڊ ان ڪري ڪئي ته انهن ان جڳهه تي هڪ ڪمزور رڍ کي ڦرن جي حفاظت لاءِ خونخوار  بگهڙ سان مقابلو ڪندي ڏٺو انهن کي هن مٽي ۾ ڪا خاص طاقت محسوس ٿي، تاريخ گواهه آهي ته ڀٽين جو اندازو غلط ثابت نه ٿيو پنجاب جيڪو مجموعي طور تي  هزارن سالن کان ڪڏهن ڪنهن جابر ۽ غاصب سان مهاڏو نه اٽڪايو ابتو هر قابض کي ڀليڪار ڪري انهن جا هڏ ڏوکي بڻجي باقي ويجهين قومن لاءِ نقصان جو سبب بڻيو آهي اتي انفرادي طور تي پنڊي ڀٽيان اهڙا دلير پٽ به پيدا ڪيا جن غيرن جي غلاميءَ کي ڪڏهن به قبول نه ڪيو.

جن ڏينهن ۾ ننڍي کنڊ ۾ مغل حڪمرانن جو راڄ هو ۽ ڪو انهن جي گهوڙن تي به هٿ نه کڻي سگهندو هو، تڏهن لاهور کان پنڊي ڀٽيان تائين رهندڙ ڀٽي برادري مغل سرڪار جي غلامي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندي زرعي آمدني جو حصو (ٽيڪس) ڏيڻ کان انڪار ڪيو، پنڊي ڀٽيان جو هيرو دلا ڀٽي ان تحريڪ جو اصل هيرو هو.

چوڌري اعتزاز حسين پنهنجي ڪتاب ”سنڌساگر“ ۾ دلا ڀٽي جي ان تحريڪ کي پنجاب ۾ هارين جي پهرين تحريڪ قرار ڏنو آهي، تاريخي طور تي سنڌ ۽ پنجاب جيئن ته زرعي خطا رهيا آهن. سنڌ ۾ ته شاھ عنايت شهيد جي هاري تحريڪ جو ڪابه تحريڪ مٽ نه ٿي سگهي پر پنجاب ۾ دلا ڀٽيءَ جي مغلن پاران زرعي اپت تي مڙهيل ٽيڪس پاران صرف پنهنجي برادري پاران انڪار ڪرڻ ٻين کي به احتجاج جي راھ ڏيکاري، ”دلا ڀٽي“ پنڊي ڀٽيان جي هڪ دلير شخص فريد خان ڀٽيءَ  جو پٽ هو ۽ بجلي خان عرف ساندل ڀٽي جو پوٽو هو، ساندل خان ۽ فريد خان به ان وقت مغل حڪمرانن سان پنهنجي زمين ۽ علائقي جي خود مختياري لاءِ وڙهندي شهيد ٿيا، چون ٿا ته ان وقت دلا ڀٽي جي عمر ست سال هئي جڏهن ان جو والد ۽ ڏاڏو ماريا ويا هئا، ساندل ڀٽي ۽ فريد خان ڀٽي جو سوڳ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين ملهايو ويو هو ۽ دلي جي ماءُ به پنهنجي پٽ کي پنهنجي والد ۽ ڏاڏي جي قتل جي ياد ڏياريندي رهندي هئي ۽ پٽ کي چوندي هئي ته توکي پنهنجي پيءُ ۽ ڏاڏي جي قتل جو حساب وٺڻو آهي، دلا ڀٽي جي والده ”لڌي“ پاڻ به هڪ بهادر  خاتون هئي ان پاڻ به هٿيار کڻي ڪيترائي ڀيرا دشمنن جو مقابلو ڪيو.

پنجاب جي هن ڳڀرو  ۽ ڌرتي جي بهادر پٽ سان پنجاب ۾ هڪ ثقافتي ڏينهن “لوهڙي” به لاڳاپيل آهي، چون ٿا ته پنجاب سميت سڄي هندستان تي مغل حڪمران قابض هئا ان وقت اهي حڪمران يا انهن جا خاص زميندار نه صرف علائقي جي زرخيز زمينن تي قبضو ڪندا هئا پر خوبصورت ڇوڪرين کي به کڻي ويندا هئا، هڪ ڀيري پنڊي ڀٽيان ۽ لاهور جي پسگردائي مان مغلن جا زميندار هندو خاندان جي ٻن خوبصورت ڇوڪرين ”سندري“ ۽ ”مندري“ کي کڻي ويا  اصل ۾ سندري ۽ مندري نالي ٻنهي هندو برهمڻ ڇوڪرين جي چاچي ڪنهن مسلمان زميندار کي قرض ادا ڪرڻو هو جيڪو ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ زميندار انهن ٻنهي ڇوڪرين کي کڻي ويو، جڏهن اها خبر دلا ڀٽي تائين پهتي ته ان نه صرف حملو ڪري انهن ڇوڪرين کي آزاد ڪرايو پر انهن جي شادي ٻن هندو ڇوڪرن سان ڪرائي ڇڏي، اهو ڏينهن ”لهڙي تهوار“ سان لاڳاپجي ويو (ڪمند جي فصل جي پچڻ جو ڏينهن) هو، ان وقت دلا ڀٽي  روايتي طور ڪاٺيون جمع ڪيون، باهه ٻاري ۽ شڪر (ڳڙ) ۽ تر ٻنهي جي جهولي ۾ وجهي رسم ادا ڪئي، ان وقت جيڪي شعر دلا ڀٽي چيا اهي لهڙي جي موقعي تي جهمريون هڻي ڳايا وڃن ٿا، ان تهوار کي هندستان ۾ الڳ الڳ عقيدي ۽ سوچ سان الڳ الڳ انداز ۾ ملهايو وڃي ٿو ۽ پاڪستان ۾ ته اهو تهوار اڄ ڪلهه جائز ناجائز جي چڪر ۾ ملهايو ئي نٿو وڃي.

دلا ڀٽي پنجاب جو هيرو آهي جنهن هن ديس جي سمورن ماڻهن کي بنا ڪنهن مذهب، رنگ ۽ نسل جي نه صرف خدمت ڪئي بلڪه انهن کي انصاف ڏياريو، هندستاني پنجاب ۾ هن وقت به دلا ڀٽي جي ياد ۾ ترانا پڙهيا وڃن ٿا ۽ اتي نصاب کان وٺي فلمن تائين دلاڀٽي هڪ پنجابي ڳڀرو پٽ جي طور تي ياد ڪيو وڃي ٿو،

دلا ڀٽي جو خاص ڪم مغلن حڪمرانن يا اميرن جي محلاتن طرف ويندڙ قافلن کي لٽي مال و دولت غريبن ۾ ورهائڻ هو، هڪ ڀيري دلا ڀٽي کي اطلاع ملو ته مغل دربار جو سردار ”بگا ملڪير“ قيمتي  سامان کڻي لاهور شاهي قلعي طرف وڃي رهيو آهي ته ان ساٿين سان ملي قافلي تي حملو ڪيو ۽ ”بگاملڪير“  جو سر قلم ڪيو ۽ قافلو لٽيو ۽ ان سردار جو ڪٽيل سر مغل دربار موڪليو ۽ پيغام موڪليو ته ”هي دلا ڀٽي طرفان تحفو آهي جيڪو ساندل جو پوٽو ۽ فريد خان جو پٽ آهي“.

ان کان پوءِ اڪبر بادشاهه مرزا نظام الدين کي حڪم ڏنو ته دلا ڀٽي کي گرفتار ڪري درٻار ۾ پيش ڪيو وڃي، گهڻي ڪوشش کان پوءِ دلي کي گرفتار ڪري لاهور جي شاهي قلعي آندو ويو، چون ٿا ته گهڻيون ڪوششون ڪيون ويون ته دلاڀٽي کي اطاعت تي مجبور ڪيو وڃي پر ان غلامي کي تسليم نه ڪيو، کيس اها به آڇ ڏني وئي ته صرف پنهنجو ڏوھ مڃي بادشاھ سلامت کا معافي وٺي ته کيس بخشيو ويندو. پر سنڌ جي هيري هيمو ڪالاڻي وانگر دلا ڀٽي به قابض حڪمرانن آڏو آڻ نه مڃي  ”دلاڀٽي“ تي بغاوت جو الزام لڳائي ان کي قاضي القضاء جي حوالي ڪيو ويو جنهن ان کي تخته دار تي ٽنگڻ جو فيصلو ڪيو ۽  بعد ۾ 26 مارچ 1589ع تي دلاڀٽي کي محلا نخلس موجوده لنڊا بازار جي ويجهو نو لکا بازار ۾ ڦاهي ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو، چون ٿا ته جڏهن ”دلاڀٽي“ کي سولي تي ٽنگيو پئي ويو ته ان وقت هزارين ماڻهو گڏ ٿيا، انهن۾ ان دور  جو صوفي شاعر شاهه حسين به موجود هو ، ان انهيءَ ئي وقت جهومي ۽رقص ڪندي شعر پڙهيو،

يا دلبر يا سر ڪر پيارا

دلا دي لعل لبان دي لاري

سولي پر چڙهه لي هلاري

آن مليسين دلبر پيارا

يا دلبر يا سر ڪر پيارا.

 

روايت مطابق دلا ڀٽي جي جنازي کي به لاهور جي تاريخي قبرستان ”مياڻي صاحب“ ۾ دفن ڪيو ويو، ڪجهه روايتون ان جي ابتڙ آهن ته جابر ۽ غاصب مغل حڪمران ايترا سٺا ڪٿان ٿيا جو پنجاب جي هن هيرو کي لاهور جي ئي قبرستان ۾ دفنائڻ ڏنو هجي، مياڻي صاحب قبرستان جي ان قبر جي باري ۾ اتان جي نسل در نسل ڪم ڪندڙ گورکن ٻڌايو هو ته ”هي ئي قبر شهيد دلا ڀٽي جي آهي“.

هي به ڏسي سگهو ٿا

”املهه موتين“ جهڙي گهڻ صلاحيتي ۽ گهڻ پاسائين شخصيت ”شبنم موتي“:سڪينه امام

شبنم موتي اصولي طور تي ڪنهن تعارف جي محتاج ناهي، سنڌ جو ساڃاهه وند ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے