23 آچر , سيپٽمبر 2018

ميچ ۾ موجود آهيون، انگلش ٽيم کي جلد آئوٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين: مڪي آرٿر

We are in the match, we will try to get rid of the English team soon: Mickey Arthurليڊز(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم ۽ رميز راجا بعد پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر پڻ ليڊز ٽيسٽ ۾ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ واري فيصلي جو دفاع ڪيو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر چيو آهي ته انگلينڊ ۾ ٿيندڙ ٽيسٽ ڪرڪيٽ نئين بال جي ڪرڪيٽ آهي،  اها ئي ٽيم ڪامياب ٿيندي آهي جيڪا نئين بال جي شروعاتي 40 اورن ۾ سٺي ڪرڪيٽ کيڏندي آهي. مڪي آرٿر چيو آهي ته پهرين ڏينهن خراب بيٽنگ ڪئي پر اڃان ميچ مان مڪمل طور تي آئوٽ ناهيون ٿيا. ٽئين ڏينهن انگلينڊ کي جلد آئوٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، اسان کي ٻئي اننگز ۾ بيٽنگ ۾ لارڊز واري حڪمت عملي سان کيڏڻو پوندو. هن چيو ته هيڊنگلي جي پچ تي صبر کي سمجهداري سان بيٽنگ ڪرڻ جي ضرورت آهي. ٻي ٽيسٽ جي ٻئين ڏينهن راند جي پڄاڻي بعد پريس ڪانفرنس ڪندي مڪي آرٿر چيو ته ليڊز جي پچ تي پهرين سيشن کيڏي وڏو اسڪور ٺاهي سگهجي ٿو. پر اڃان ميچ ختم ناهي ٿي پاڪستان ٽيم اڃان به ميچ ۾ موجود آهي ۽ واپسي ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.  هن چيو ته اسان جي جيڪا حڪمت عملي جوڙي هئي، ان موجب اسان جو اندازو هيو ته انگلينڊ 120 رنسن جي برتري حاصل ڪري سگهي ٿي. پر جوز بٽلر جو ڪيچ ڊراپ ٿيڻ اسان جي مشڪلاتن ۾ اضافو ڪيو آهي. مڪي آرٿر چيو ته اسان بالرن پهرين اننگز ۾ تمام گهڻيون رنسون ڏنيون آهن،  جنهن سان انگلنيڊ کي برتري طرف وڌي رهيو آهي،  ڪوشش ڪنداسين ته انگلش ٽيم کي ٽئين ڏينهن جلد آئوٽ ڪيون. مڪي آرٿر پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته شاداب خان جي بالنگ ڪارڪردگي مان مايون ناهيان هو اسٽار بڻجي رهيو آهي، هڪ نوجوان بالر جي حيثيت سان سندس ڪارڪردگي جي جيتري تعريف ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. هن چيو ته شاداب خان جي ڪارڪردگي ۾ ڏينهون ڏينهن بهتري اچي رهي آهي، پر ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ حسن علي اميدن موجب بالنگ نه ڪئي آهي. حارث سهيل جي ساراهه ڪندي مڪي آرٿر چيو ته هو  هن فارميٽ ۾ نئون آهي پر هو جيئن جيئن بيٽنگ ڪندو سندس راند ۾ بهتري ايندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايشيا ڪپ: پاڪستاني ٽيم ڀارت خلاف 162 رنسن تي ڍير

دبئي (اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ جي پنجين ميچ ۾ قومي ٽيم ڀارت خلاف پهريان بيٽنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے