26 اربع , سيپٽمبر 2018

اچو ته سچ ڳالهايون

ٻارو! اوهان مان ڪيترن ڀائرن ”گامون سچار“ جو نالو ضرور ٻڌو هوندو. اسان وٽ گامونءَ جو ڪردار مثال طور پيش ڪيو ويندو آهي، ڇو ته هُن سچ ڳالهائڻ سان پنهنجي نالي کي هميشه لاءِ زنده ڪري، انسانذات لاءِ هڪ مثال قائم ڪري ڇڏيو آهي.

ساڳيءَ طرح حضرت شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جو سبق ضرور پڙهيو هوندوَ، جنهن جي سچ ڳالهائڻ تي ڦورو ايترو ته شرمسار ٿيا جو نه صرف اشرفين کي هٿ ڪونه لاتائون، پر هميشه لاءِ اشراف ٿي هلڻ جو عهد ڪيائون.

ٻارو! هن جهان ۾ جيڪي به پيغمبر ۽ نبي، اولياء الله ۽ درويش، ساڌو ۽ سنت، رشي ۽ مني، صوفي ۽ ڏاها انسان ٿي گذريا آهن، تن سڀني انسانذات کي سچ جو سنيهو ڏنو آهي.سڀني مذهبن ۽ ڌرمن جي سکيا جو بنياد سچ تي ٻڌل آهي، ڇو ته سچ ئي انسان کي اخلاق جي اُتانهينءَ تي رسائي ٿو. تاريخ پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو  ته سچ جي سبق ڏيندي پيغمبرن ۽ ڏاهن ڇا ڇا نه سٺو آهي، اسلام جي پيغمبر آنحضرت محمد ڪريم صلعم جن جي سچائيءَ کان متاثر ٿي ماڻهن کين ”امين“ جو لقب ڏنو. يونان جي ڏاهي ”سقراط“ سچ جي خاطر مسڪرائيندي زهر جو پيالو پيتو. سچ جي تعليم ڏيڻ جي ڏوهه ۾ حضرت عيسيٰ کي صليب تي چاڙهيو ويو. سچ ئي ”منصور“ کي ڦاسيءَ جي تختي تي آندو. سچ جي ڳولا ۾ مهاتما گوتم ٻڌ تخت ۽ تاج ٺڪرائي فقيري اختيار ڪري جهنگ وسايو. هزارين سال گذري چڪا آهن، پر ان هوندي به انهن امر انسانن جا نالا اڄ به پيا ڳائجن ۽ تاريخن جي ورقن تي سونهري لفظن ۾ لکيل آهن.

ٻارو! هن جهان ۾ سچ اها عظيم حقيقت آهي، جيڪا ماڻهوءَ کي مان ۽ مرتبو بخشي ٿي. سچ ڳالهائڻ وارو ماڻهو هر ڪنهن وٽ عزت ۽ آبرو پرائي ٿو، ۽ سدائين سرخرو ۽ سرهو رهي ٿو. ان جي ڀيٽ ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ واري شخص کي هرڪو نفرت ۽ حقارت جي نظر سان ڏسي ٿو ۽ هو ماڻهپي جهڙي عظيم نعمت کان محروم ٿي حيوان جيان رهجيو وڃي! ان ڪري اچو ته سچ ڳالهائڻ جو قول ڪريون. — –تارا چند

هي به ڏسي سگهو ٿا

ليلا خالد: تاريخ جو بهادر ڪردار:حميده گهانگهرو

اها چوڻي مشهور آهي ته عورت نفيس، نازڪ، ڪمزور دل ۽ هيڻي هوندي آهي، اهو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے