23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڏوڪري: ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي 48 هين ورسي ملهائي وئي

Dokri: The 48th anniversary of Comrade Haider Bakhsh Jatoi was celebratedڏوڪري ڀرسان تقريب ڪوٺائي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي 48هين ورسي ملهائي وئي.

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي باڻي ڳوٺ بکو ديري ۾ حيدر بخش جتوئي جي يادگار ڪميٽي ۽ سنڌ واس فائونڊيشن ورسي تقريب ڪوٺائي.

تقريب ۾ هاري ڪميٽي جي صدر ڪامريڊ اظهر جتوئي، امداد چانڊئي، جڳديش آهوجا، ظفر جوڻيجي ۽ مجيب پيرزادي سميت ٻين سياسي سماجي ڌرين جي اڳواڻن، ليکڪن ۽ هاري پورهيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سنڌ جو سٻاجهڙو پٽ هو، جنهن سنڌ جي هارين ۽ پورهيت جي حقن جي حاصلات لاءِ ڊگهي جدوجهد ڪري وڏي صعوبتون به سٺيون.

 هنن چيو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هڪ عظيم انقلابي اڳواڻ هو جنهن هارين جي حقن لاءِ ڪليڪٽري جو عھدو ڇڏي ڏنو ۽ جدوجهد ڪندي جيل جون اذيتون به ڀوڳيون  پر هڪ قدم به پوئتي نه هٽيو.

سندن چوڻ هو ته ايوب دور کان پنجاب سنڌ جو پاڻي وڪڻندو رهيو آهي پر هاڻي ائين ٿيڻ نه ڏبو.

اڳواڻن چيو ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته حقن جي ڳالهه ڪرڻ تي نوجوان کنڀي گم ڪيا وڃن ٿا ۽ ان جو آواز اٿارڻ تي ڪراچي اندر سنڌ جي نياڻين کي تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي پر پ پ وارا خاموش آهن………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

Kotri

نيوز | ڪوٽڙي : ليکڪ، صحافي ۽  شاعر هاشم شورو ڪينسر وگهي  لاڏاڻو ڪري ويو

ڪوٽڙي  ۾ ليکڪ، صحافي ۽  شاعر هاشم شورو ڪينسر وگهي لاڏاڻو ڪري ويو آهي. ناميارو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے