20 خميس , سيپٽمبر 2018

پريانڪا جون نِڪ جوناس سان ويجهڙايون

لاس اينجلس (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ڪامياب ترين اداڪارا پريانڪا چوپڙا جون آمريڪي ڳائڻي نِڪ جوناس سان ويجهڙايون وڌي ويون آهن. 35 ورهين جي پريانڪا چوپڙا اڄڪلهه آمريڪا جي دوري تي نڪتل آهي، جتي هوءَ پنهنجو گهڻو وقت ڳائڻي نِڪ جوناس سان گذاري رهي آهي. بالي ووڊ اداڪارا آمريڪي ڳائڻي سان گڏ هڪ هوٽل تي ڊنر ڪيو ۽ ساڻس گڏجي ڊانس پڻ ڪئي. پيپلز ميگزين جي رپورٽ موجب پريانڪا چوپڙا ۽ نِڪ جوناس، ٽوڪا مڊيلا ۾ گڏجي ڊنر ڪيو، ان موقعي تي ٻنهي گڏ وقت پڻ گذاريو ۽ کاڌي کانپوءِ موسيقي تي ڊانس به ڪئي. پريانڪا چوپڙا ۽ نِڪ جوناس ڪيتري ئي عرصي کان وٺي هڪٻئي جا بهترين دوست آهن ۽ سندن ويجهڙاين ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ايندو پيو وڃي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماهرا خان طرفان ثانيا مرزا جي  ايندڙ ننڍڙي مهمان لاءِ نيڪ خوهشن جو اظهار

ڪراچي ( شوبز نيوز ) پاڪستان جي ناليواري اداڪارا ماهرا خان ۽ ڀارتي ٽينس اسٽار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے