25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڏهرڪي: ڊاڪٽرياڻين کي حراسان ڪندڙ ڪلارڪ ٻيهر ٿيڻ خلاف احتجاج

Dehraki: The protesters protest against the revival of a republicڏهرڪي اسپتال ۾ڊاڪٽرياڻين کي حراسان ڪرڻ جي الزام ۾بدلي ٿيل ڪلارڪ کي ٻيهر مقرر ڪيو ويو آهي، اهڙي عمل خلاف او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو ويو.

ڪجهه وقت اڳ بدلي ٿيل بااثر ڪلارڪ ڊي ايڇ او جا ٻئي آرڊر کڻي جيئن ئي ڏهرڪي اسپتال پهتو ته اسپتال جي ايم ايس ۽ ڪجهه ڊاڪٽرن متاثر ڊاڪٽرياڻين سامهون کيس گلن جا هار پارايا.

عملدارن جي اهڙي رويي خلاف متاثر ليڊي ڊاڪٽرياڻي شڪيلا ۽ ايل ايڇ وي طاهرا سمون سميت ڏهرڪي اسپتال جي ڊاڪٽرن او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو.

ڊاڪٽرياڻين چيو ته اڳوڻي ڊي ايڇ او جي بدلي ٿيڻ بعد انچارج ڊي ايڇ او پنهنجي چارج جو غير قانوني استعمال ڪندي وارڊ سرونٽ کي ڪلارڪ جي عهدي تي بحال ڪيو

سندن چوڻ هو ته هن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ وارو حڪم نامو پڻ واپس وٺي ناانصافي ڪئي وئي آهي.

هنن چيو ته ڊي ايڇ او تڪراري ڪلارڪ کي بحال ڪري سندن تذليل ڪئي آهي،

هنن چيو ته جيڪڏهن کين انصاف نه مليو ته هو احتجاجن نوڪري ڇڏي هليون وينديون، هنن اعلي اختيارين کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي ساڻن انصاف ڪيو وڃي………………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

NaoDero

نيوز | نئون ديرو: اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا ڦري ويا

نئين ديري ۾ اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا روڪ رقم ڦري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے