21 اڱارو , آگسٽ 2018

فيس بڪ جو ٽرينڊنگ نيوز سيڪشن ختم ڪرڻ جو اعلان

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) فيس بڪ ڪمپني اعلان ڪيو آهي ته جلد ئي فيس بڪ ويب سائيٽ ۽ ايپ تان ٽرينڊنگ نيوز سيڪشن کي ختم ڪيو ويندو. اهو فيچر 2014ع ۾ متعارف ڪرايو ويو هو جنهن جو مقصد فيس بڪ نيوزفيڊ ۾ مقبول خبرن جي هيڊ لائنز ٻڌائڻ هو پر ان فيچر کي صارفن طرفان وڌيڪ استعمال نه ڪيو ويو پر ان ۾ اهڙيون بنيادي خبرون گردش ڪرڻ لڳيون جيڪي فيس بڪ جي لاءِ ڏکيائين جو سبب بڻجي ويون. ٽيڪنالاجي ويب سائيٽ ميش ايبل جي رپورٽ موجب فيس بڪ ۾ ٽريڊنگ نيوز سيڪشن کي ختم ڪري ” بريڪنگ نيوز“ سيڪشن متعارف ڪرايو ويندو جنهن ۾ سڀ کان پهرين مقامي خبرن کي ترجيح ڏني ويندي. ان جي لاءِ ” ٽو ڊي اِن“ فيچر کي به متعارف ڪرايو ويندو جيئن سمورا شهري پنهنجي ڀرپاسي جي حالتن کان باخبر رهن ۽ بريڪنگ نيوز سان ڪنيڪٽ رهن.  ” ٽو ڊي اِن“ فيچر جي مدد سان صارف مقامي تنظيمن جي اَپ ڊيٽس به ڄاڻي سگهندا. ان فيچر ۾ رڳو تصديق ٿيل خبرون هونديون، جنهن کي سڄي دنيا جا صارف استعمال ڪري سگهندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Many new robots were introduced in the World Robot Conference in Beijing

بيجنگ ۾ ورلڊ روبوٽ ڪانفرنس ۾ ڪيترائي نوان روبوٽ متعارف ڪرايا ويا

بيجنگ(ويب ڊيسڪ) چين ۾ چئن ڏينهن واري عالمي روبوٽ ڪانفرنس 2018 جي رنگارنگ پڄاڻي ٿي، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے