24 سومر , سيپٽمبر 2018

عيد الفطر تي ريلوي جي ڀاڙن ۾ گهٽتائي جو اعلان

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ريلوي عيدالفطر تي مسافرن لاءِ ڀاڙن ۾ 30 سيڪڙو رعايت جو اعلان ڪيو آهي.  لاهور ۾ پاڪستان ريلوي جي سي اي او آفتاب اڪبر جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ اي جي ايم ٽريفڪ عبدالحميد رازي ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ عيد پيڪيج جي منظوري ڏني وئي. ريلوي جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ريلوي هن وقت رمضان پيڪيج تحت ايڊوانس بڪنگ تي سمورين ٽرينن جي سمورن ڪلاسز تي ڀاڙن ۾ 20 سيڪڙو رعايت ڏني وئي آهي، عيد جي ٻنهي ڏينهن دوران سمورين ٽرينن جي سمورن ڪلاسز تي ڀاڙن ۾ 30 سيڪڙو رعايت ڏني ويندي. ترجمان جو چوڻ هو ته عبدالفطر تي پاڪستان ريلويز مسافرن جي سهولت ۽ پنهنجي هم وطنن کي پنهنجي پيارن سان ملائڻ لاءِ اضافي ٽرينون هلايون وينديون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نااهلي ڪيس: جهانگير ترين ۽ حنيف عباسي جون درخواستون ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ جهانگير ترين جي تاحيات نااهلي خلاف نظرثاني درخواست …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے