26 اربع , سيپٽمبر 2018

سپريم ڪورٽ طرفان چئني صوبن ۾ اهم شخصيتن کي ڏنل سڪيورٽي جي رپورٽ رد

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ چئني صوبن ۾ اهم شخصيتن کي ڏنل سڪيورٽي رپورٽ رد ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽريءَ ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بئنچ اهم شخصيتن کي سڪيورٽي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران پنجاب پوليس طرفان سياستدانن کي سڪيورٽي بابت رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي. پوليس رپورٽ تي چيف جسٽس پوليس اختيارين کان پڇاڻوڪيو ته ڪيترن ماڻهن کي سڪيورٽي فراهم ڪئي وئي آهي، ڊي آءِ جي عبدالرب چيو ته 31سياستدانن کي سڪيورٽي ڏني وئي آهي.ان موقعي تي ايڊووڪيٽ اظهر صديق چيو ته عدالت کي درخواست آهي ته هڪ دفعو نالا پڙهيا وڃن. چيف جسٽس لسٽ ڏسي چيو ته نواز شريف، شهباز شريف، احسن اقبال، اياز صادق ۽ زاهد حامد جي سڪيورٽي سمجهه ۾ اچي ٿي پر راڻا ثناءَ الله، مريم اورنگزيب، انوشا رحمان، عابد شير علي ۽ احسن اقبال جي پٽ کي سڪيورٽي ڇو ڏني پئي وڃي، هي ماڻهو هڪ طرف عدليه کي گاريون ڏين ٿا ٻيو وري سڪيورٽي گهرن ٿا، آءِ جي صاحب توهان عدليه مخالف بيان ڏيندڙن کي سڪيورٽي فراهم ڪئي آهي. هن چيو ته هڪ سڪيورٽي اهلڪار 25 هزار ۾ پوي ٿو، هڪ سياستدان گهٽ ۾ گهٽ 60 هزار ۾، قوم جو پئسو آهي، اهڙي نموني وڃائڻ جي اجازت نه ڏينداسين. آءِ جي پنجاب عدالت کي ٻڌايو ته حمزا شهباز کي هڪ چار جي سڪيورٽي ڏني وئي آهي، چيف جسٽس چيو ته مون کي ڪيتري سڪيورٽي ڏني وئي آهي، توهان مون کي حمزا شهباز جي برابر سڪيورٽي ڏني آهي، توهان ته ججن ۽ سپريم ڪورٽ جي ججن کي سڪيورٽي ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته پوليس کي سياستدانن سميت اهم شخصيتن جي سڪيورٽي تي لڳايو ويو آهي ڇا پوليس جو رڳو اهو ڪم رهجي ويو آهي. سپريم ڪورٽ چئني صوبن ۾ اهم شخصيتن کي ڏنل سڪيورٽي جي رپورٽ رد ڪندي سڪيورٽي ڏيندڙڪميٽي جي سمورن ميمبرن کي 8 وڳي طلب ڪري ورتو. چيف جسٽس ثاقب نثار ايڊووڪيٽ جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته سنڌ ۾ ڪيترن ماڻهن کي سڪيورٽي ڏني پئي وڃي، ايڊووڪيٽ جنرل ٻڌايو ته سنڌ ۾ 4 هزار ماڻهن کي سڪيورٽي ڏني وئي آهي. چيف جسٽس چيو ته توهان 4 هزار ماڻهن تي پوليس کي مقرر ڪري ڇڏيو آهي، مان ڪراچي اچي رهيو آهيان، ڪميٽي کي گهرائي وٺو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيپرا في يونٽ بجلي 1 رپيو 16 پيسا مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور اينڊ ريگوليٽري اٿارٽي( نيپرا ) في …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے