24 سومر , سيپٽمبر 2018

عاشه احد کي ڌمڪيون، حمزا شهباز شريف ۽ ٻين تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم  

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ثاقب نثار عائشه احد کي ڌمڪيون ڏيڻ جي الزام ۾ حمزا شهباز شريف ۽ ٻين جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ آءِ جي پنجاب کي عائشه احد کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي . چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بئنچ عائشه احد کي ڌمڪيون ڏيڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عائشه احد عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته مون کي ۽ منهنجي نياڻي کي حمزا شهباز مان جان جو خطرو آهي.  عدالت ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب کي چيو ته شهباز شريف کي فون ڪري حمزا شهباز جي پيشي يقيني بڻايو. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪنهن جي جان خطري ۾ نه ٿا ڏسي سگهون. چيف جسٽس چيو ته آءِ جي صاحب منهنجي حڪم تي توهان گهٻرائجي ڇو ويندا آهيو؟  چيف جسٽس سوال ڪيو ته خواجه سلمان ٻڌائي حمزا شهباز ڪٿي آهي، خواجه سلمان چيو ته مون کي خبر ناهي. چيف جسٽس چيو ته سڄو ڏينهن حمزا سان گڏ گهمندا آهيو ۽ چئو ٿا ته مون کي خبر ناهي. ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب حمزا شهباز جي طلبي تي سپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائيندي چيو ته شهباز شريف ٽن کان چئن ڏينهن ۾ پاڪستان اچي ويندو. چيف جسٽس عائشه احد بابت عدالتي فيصلي تي عملدرآمد نه ڪرائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پڇاڻو ڪيو ته  سيشن ڪورٽ ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، عمل ڇو نه ڪيو ويو؟ چيڪ ڪيو ڇا سيشن ڪورٽ جو آرڊر هاءِ ڪورٽ معطل ڪيو آهي، سيشن ڪورٽ جو آرڊر معطل ناهي ته اڄ ئي درخواست موجب ڪيس داخل ڪيو وڃي.  عدالت درخواست ۾ نامزد جوابدارن تي اڄ ئي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. درخواست ۾ حمزا شهباز شريف، راڻا مقبول، مقصود بٽ، راڻا علي، عمران ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي. عائشه احد خلاف ڪارروائي جو رڪارڊ به 6 جون تائين پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. عدالت چيو ته آگاهه ڪيو وڃي ته اڄ تائين ڪيس داخل نه ڪندڙ  پوليس اهلڪارن ۾ ڪير ڪير شامل آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي پيڪ جي سڪيورٽي لاءِ سنڌ پوليس ۾ 147 اهلڪارن جي ڀرتي

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سي پيڪ جي سلامتي لاءِ سنڌ پوليس جي خاص يونٽ۾ 147 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے