23 آچر , سيپٽمبر 2018

اصغر خان ڪيس: نواز شريف سميت 21 سويلين کي نوٽيس جاري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ اصغر خان ڪيس ۾ نواز شريف، جاويد هاشمي سميت 21 سويلين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بئنچ  لاهور رجسٽريءَ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. اٽارني جنرل ڪابينا جي فيصلي بابت رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏي. اٽارني جنرل چيو ته ڪابينا عدالتي فيصلي تي عملدرآمد جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ايف آءِ اي کي جاچ جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي. چيف جسٽس چيو ته پئسو وٺندڙن کان رقم واپس وٺڻ جو طريقو ڇا آهي. سپريم ڪورٽ نواز شريف، جاويد هاشمي سميت 21 سويلين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. عدالت اسد دراني، عابده پروين سميت ٻين کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. ڊي جي نيب، ايف آءِ اي ۽ ٻين کي به نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. عدالت ڪابينا جي اجلاس جي رپورٽ ٻيهر سيل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 6 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنگ مڙهي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته مودي ۽ ڀارتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے