24 سومر , سيپٽمبر 2018

نامزدگي ڪاغذن بابت اليڪشن ڪميشن جو اهم اجلاس جاري

The ECP issued the 14-point rule rules for observersاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ طرفان نامزدگي فارم رد ڪرڻ جي حڪم کانپوءِ اليڪشن ڪميشن جو اهم اجلاس اجاري. اليڪشن ڪميشن آر اوز کي شيڊول موجب اڄ نامزدگي ڪاغذ وصول ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي اڄ نامزدگي ڪاغذن بابت ضروري فيصلا ڪيا ويندا. اجلاس ۾ شرڪت کان اڳ اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري بابر يعقوب ميڊيا سان غير رسمي طور ڳالهائيندي چيو ته فارمن جي شيڊول ۾ تبديلي بابت ڳالهيون وقت کان اڳ آهن. هن چيو ته اجلاس ۾ سموري صورتحال جو جائزو ورتو ويندو.  اليڪشن ڪميشن چونڊ سڌارن واري ڪميٽي کي صورتحال جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن ميمبرن جي غير حاضري ۾ نوان نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا.  ذريعن موجب ڪميٽيءَ جا ڪيترائي ميمبر تعليمي قابليت جو خانو به ختم ڪرائڻ لاءِ زور ڀريندا رهيا. اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب چونڊ سڌارن واري ڪميٽي جا ميمبر اليڪشن ڪميشن اختيارين تي سخت تنقيد ڪندا رهيا. ذريعن موجب زاهد حامد، شيري مزاري، انوشا رحمان، نويد قمر فارم تبديل ڪرڻ ۾ اڳڀرا رهيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنگ مڙهي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته مودي ۽ ڀارتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے