21 اڱارو , آگسٽ 2018

بيڪنگ سوڊا ڪينسر جي علاج ۾ فائديمند

Baking soda cancer is beneficial in cancerنيويارڪ(ويب ڊيسڪ)  ڪينسر جي هڪ نئين علاج جي طريقي اميونوٿراپي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ بيڪنگ سوڊا جو استعمال نهايت فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو.ان سان ڪيترن ئي قسمن جي ڪينسر کي قابو ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. ڪينسر جا ماهر ڄاڻين ٿا ته سرطاني رسولين جو وڏوحصو اهڙو هوندو آهي جتي آڪسيجن ناهي هوندي ۽ انهن ئي جاين جو علاج تمام مشڪل هوندو آهي.خلئي کي جڏهن مناسب آڪسيجن ناهي ملندي ته اهو هڪ خاص حالت ۾ هليو ويوندو آهي جنهن کي ڪوشنٽ اسٽيٽ چيو ويندو آهي. ان موقعي تي ايم ٽي او آر سي ون نالي هڪ ماليڪيولر سوئچ خلئي جيصورتحال جو جائزو وٺي ٻڌائيندو آهي ته خلئي کي تقسيم ٿيڻو آهي يا نه.جيڪڏهن mTORC1 موجود نه هجي ته خلئي جو اندروني ڪم ٺپ ٿي ويندو آهي ۽ سرطاني رسولي جي اندر ان ماليڪيول جي سرگرمي ختم ٿي ويندي آهي.ان ئي تحقيق کي اڳتي وڌائيندي يونيورسٽي آف پنسلوانيا ۾ واقع وسٽر انسٽيٽيوٽ ان حوالي سان بيڪنگ سوڊا جو استعمال ڪيو آهي جنهن جا تفصيل سائنسي جنرل ۾ شايع ٿيا آهن.ان ۾ چيو ويو آهي ته مٺي سوڊا خود امنياتي يا آٽو اميون مرضن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو جن ۾ ڪينسر به شامل آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هڪ اسپرين روزانو، ايچ آئي وي انفيڪشن کي روڪڻ ۾ مددگار

وني پيگ(ويب ڊيسڪ) هن وقت آفريقا سميت سڄي دنيا جو هڪ حصو ايچ آئي وي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے