22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

عامُ چونڊن جي شفافيت يقيني بڻائڻ جي گهرج

نگران وزيراعظم جسٽس رٽائرڊ ناصر الملڪ نگران وزيراعظم طور قسم کڻي ورتو آهي. ايوان صدر ۾ ٿيل قسم کڻائڻ واري تقريب ۾ صدر ممنون حسين کانئس قسم کڻايو. تقريب ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، آئيني مدو پورو ڪندڙ  اسيمبليءَ جي ميمبرن، ختم ٿيل ڪابينا جي ميمبرن، ٽنهي فوجن جي سربراهن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم طور  قسم کڻڻ کانپوءِ جسٽس ريٽائرڊ ناصر الملڪ وزيراعظم هائوس پهتو. جتي  کيس پاڪ فوج جي دستن سلامي ڏني، جڏهن ته آئيني مدو پورو ڪندڙ شاهد خاقان عباسي کي به گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ هو چارج نگران وزيراعظم کي ڏئي پنهنجي ذاتي رهائش گاهه روانو ٿي ويو. ايئن هڪ ٻي چونڊيل جمهوري حڪومت طرفان آئيني مدو پورو ڪري عام چونڊن تائين حڪومتي ۽ انتظامي ڪاروهنوار نگران سرڪار حوالي  ڪرڻ يا  ايئن کڻي چئجي ته اقتدار جي پرامن منتقليءَ جي هڪ ٻي تاريخ لکي وئي. هن کان اڳ 2008ع جي عامُ چونڊن جي نتيجي ۾ قائم ٿيل پاڪستان پيپلزپارٽيءَ  جي حڪومت 2013ع ۾ پنهنجو آئيني مدو پورو ڪري عام چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ مسلم ليگ نواز کي پر امن نموني اقتدار منتقل ڪيو هو. سو چئي سگهجي ٿو ته لاهن چاڙهن ۽ بحرانن باوجود پاڪستان ۾ 10 سالن جو جمهوري دور ڪاميابيءَ سان مڪمل ٿيو آهي ۽ جولاءِ 2018ع جي عام چونڊن جي نتيجي ۾ ٽين چونڊيل جمهوري سرڪار اقتدار جون واڳون سنڀاليندي.

نگران وزيراعظم طور قسم کڻڻ کانپوءِ صحافين سان  غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي جسٽس رٽائرڊ  ناصر الملڪ واضح لفظن ۾ چيو ته عام چونڊون وقت تي ٿينديون ۽ شفاف به هونديون. هن چيو ته هو ڪابينا مختصر رکندو ۽ کين جيڪا ذميوار ڏني و ئي آهي، سان سهڻي نموني نڀائيندا. نگران وزيراعظم جي قسم کڻڻ کانپوءِ هاڻي نگران ڪابينا جي جوڙ جڪ جو مرحلو ايندو، جيڪو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ  نگران سرڪار اليڪشن ڪميشن کي عام چونڊون پر امن ۽ شفاف نموني ڪرائڻ لاءِ گهربل سهولتون فراهم ڪندي، ڇو جو چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، جنهن اُن ڏس ۾ هوم ورڪ به مڪمل ڪري ورتو آهي ۽ چونڊ شيڊول به جاري ڪري ڇڏيو آهي.

چئني صوبن مان سنڌ سرڪار ۽ مخالف ڌر نگران وڏي وزير لاءِ ريٽائرڊ  چيف سيڪريٽري فضل الرحمان جي نالي تي اتفاق ڪري ورتو آهي. جيڪو به گورنر هٿان قسم کڻي پنهنجو عهدو سنڀاليندو. پنجاب خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ پڻ نگران سيٽ اپ لاءِ صلاح مشورن جو سلسلو هلندڙ آهي.

پاڪستان اندر جمهوريت جا ڏهه سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪستان جو عوام، سياستدان، سياسي جماعتون ۽ لاڳاپيل ادارا مبارڪ جا مستحق آهن. پاڪستان ۾ جيتوڻيڪ ڪڏهن به مضبوط، پائيدار ۽ آئيڊل جمهوريت ناهي رهي پر لوڏن، لمن ۽ بحرانن واري گذريل ڏهن سالن جي جمهوري دور ۾ بنيادي ڍانچي جي ترقي بيروزگاري ۽ غربت جي خاتمي، توانائي بحران کي ضابطي ۾ رکڻ توڙي دهشتگرديءَ  کي جڙ کان ئي پٽي ڦٽو ڪرڻ جي ڏس ۾ اهم اڳڀرايون ٿيندي نظر آيون آهن. گڏوگڏ ارڙهين آئيني ترميم کان ويندي فاٽا جي خيبرپختونخواهه  ۾ ضم ڪرڻ واري قانون تائين آئيني محاذ تي به گهڻو ڪجهه ٿيندي نظر آيو آهي.

پاڪستان جن بحرانن کي منهن ڏئي رهيو آهي يا  ڏيندو رهيو آهي، تنهن  جو بنيادي سبب عوام جي مينڊيٽ تي راتا هي جي روايت ۽ ڊگها ڊگها آمريتي دور آهن. ايئن به ناهي ته گذريل ٻن جمهوري دورن ۾  ڪو ملڪ اندر کير ۽ ماکيءَ جون نديون وهيون آهن پر اُن کان به انڪار نه  ٿو ڪري سگهجي ته انهن ڏهن سالن ۾ عوام جي آواز کي تقويت ملي. عوام مختلف عالمي، قومي ۽ ملڪي معاملن تي خاص ڪري سوشل ميڊيا جي ذريعي پنهنجي پنهنجي راءِ جو کليل اظهار ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪئي سياسي ۽ حڪومتي فيصلا واپس ٿيندي به نظر آيا.

اڄ جنهن شراڪتي جمهوريت تي زور ڏنو وڃي ٿو ۽ جنهن جي ضرورت اسان جي ملڪ ۾ شدت سان محسوس ڪئي ٿي وڃي، تنهن جو مکيه مقصد ئي حڪومت سازي ۽ فيصلي سازي ۾ عوام کي شريڪ بڻائڻ آهي ته جيئن اهو پنهنجي تقدير جا فيصلا پاڻ ڪري سگهي. عوام جي ووٽ جي آزاد نموني استعمال سان يا پنهنجي راءِ  جي آزاد  استعمال سان شراڪتي جمهوريت جنم وٺندي آهي. اسان وٽ اڄ تائين جيڪي به چونڊون ٿينديون رهيون آهن، تن جي شفافيت اڳيان هميشه سواليا نشان لڳل رهيو آهي. عوام جو مينڊيٽ چوري ٿيڻ جا الزام لڳ ڀڳ هر اليڪشن ۾ لڳندا رهيا آهن، جڏهن ته ڏاڍ جي وزر تي هڪڙن کي هارائڻ ۽ ٻين کي کٽرائڻ جي روايت به  ڪنهن کان ڳجهي ناهي.

آمريت ملڪ کي تباهي، بدنامي ۽ بدناموسيءَ کانسواءِ ڪجهه به ناهي ڏنو. ملڪ جي دردن جو درمان جمهوريت خاص ڪري شراڪتي جمهوريت ۾ ئي سمايل آهي. اهڙي شراڪتي جمهوريت جتي عوام جي ووٽ سان ڪا کينس نه ٿئي. عوام ووٽ جي استعمال ۾ آزاد هجي، نه ڪنهن جو مينڊيٽ چوري ٿئي نه ئي نتيجا تبديل ٿين. سو جسٽس رٽائرڊ ناصر الملڪ  جيئن ته ساک وارو ماڻهو آهي. تنهن ڪري اميد ڪجي ٿي ته هو جيڪي چئي ٿو سو ڪري به ڏيکاريندو. نگران سرڪار جي بنيادي ذميواري ئي جيئن ته چونڊون ڪرائڻ آهي، تنهن ڪري اها جيڪڏهن مداخلت ۽ ڦيرڦار کان آجيون، صاف، شفاف ۽ آزاد چونڊون ڪرائڻ ۾  ڪامياب ٿي ٿي وڃي ته اُن کان وڏي ملڪ ۽ عوام لاءِ ٻي ڪا ڪاميابي ٿي ئي نه ٿي سگهي.

ڇنڇر 2 جون   2018ع، 17 رمضان المبارڪ 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ حڪومت جي بجيٽ ۽ مالي بحران جون شڪايتون

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مالي سال 19/2018 جي 9 مهينن لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے